شاھ لطيف ٽائون، عبدالله ڳوٺ ۽ رزاق آباد جي رهواسين پاران جوڳي موڙ وٽ ڪي اليڪٽرڪ آفيس آڏو ڌرڻو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بجلي جي بندش خلاف شاھ لطيف ٽائون، عبدالله ڳوٺ ۽ رزاق آباد جي رهواسين پاران جوڳي موڙ تي قائم ڪي اليڪٽرڪ آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي آفيس کي تالو لڳائي ڇڏيو. سندن چوڻ هو ته ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ڪئي وئي آهي.رهواسين جو چوڻ هو ته محرم الحرام جهڙي اهم مهيني ۾ به ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا طرفان بريڪ ڊائون جاري آهي، جنهن سبب سندن زندگيون عذاب بڻجي ويون آهن. بجلي جي بندش سبب علائقي ۾ پاڻي جو به شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا مڪمل طور بي حسي اختيار ڪئي آهي.احتجاج ڪندڙن چيو ته هي سراسر ظلم آهي، اسان جي شڪايتن جي باوجود ڪو به نوٽيس نه پيو ورتو وڃي. ڌرڻي دوران پوليس به موقع تي پهچي وئي، پر بجلي جي بحالي تائين رهواسين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ڪي اليڪٽرڪ آفيس جوڳي موڙ وٽ رهواسي بجلي جي بندش خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن
0 تبصرے