ٺٽي ۾ ڳوٺ احمد خان خاصخيلي واسي باهه متاثر جو احتجاج

31ڊسمبر 2024 تي باهه لڳڻ سبب گهر سڙي رک ٿي ويو هو: شير محمد خاصخيلي

ٺٽي ۾ ڳوٺ احمد خان خاصخيلي واسي باهه متاثر جو احتجاج

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٺٽو لڳ گلمنڊا شھر جي ڳوٺ احمد خان خاصخيلي جي رھائشي شير محمد خاصخيلي ولد الله جوڙيو خاصخيلي عوامي پريس ڪلب ٺٽو پھچي صحافين اڳيان دانھندي چيو آھي ته تاريخ 31/12/2024 رات جو ٻه بجي اچانڪ منھنجي گھر کي باھ وڪوڙي وئي جنھن ۾ گھر جو الھ تلھ سامان سيڌو نياڻين جو ڏاج گھر جو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو جنھن کان پوء يوسي چيئرمين گلمنڊا غلام نبي خاصخيلي ايم پي اي سائين رياض حسين شاھ شيرازي ضلعو چيئرمين حميد پنھور ۽ ڊي سي ٺٽو جي اڳيان مون دانھيو تہ مون غريب مسڪين جو گھر سڙي ويو آھي مون غريب جي مدد ڪيو ان کان پوء تپيدار ۽ مختيار ڪار گھر جو وزٽ ڪري سروي ڪيو پر ان جي باوجود به ڪنھن به ڌيان نه ڏنو ۽مون غريب جي ڪنھن به وس وارن مالي مدد نه ڪئي آھي، ھن چيو تہ آئون غريب ھن برساتي موسم ۾ کلي آسمان جي ھيٺ، پنھنجي پنج نياڻين، ٻن پٽن سميت دربدري واري زندگي ڪٽڻ تي مجبور آھيان،ھن سڀني وس وارن وزير زڪوات سيد رياض شاھ شيرازي، ضلعي چيئرمن عبدالحميد پنھنور، ڊي سي ٺٽو کان مالي مدد، گھر ٺھرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي