English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وڏو وزير ٻڌائي ته آخر معصوم پريا ڪماري کي ڇو بازياب نٿو ڪرايو وڃي؟: اياز لطيف پليجو
views
|
02nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
معصوم ٻارڙي 47 مھينن کان قيد ۾ آھي. مغوي ٻارڙي جي ماءُ مسلسل احتجاج ڪندي رھي آھي
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ وزيراعلي سنڌ ٻڌائي تہ آخر معصوم پريا ڪماري کي ڇو بازياب نٿو ڪرايو وڃي؟ معصوم ٻارڙي 47 مھينن کان قيد ۾ آھي. مغوي ٻارڙي جي ماءُ مسلسل احتجاج ڪندي رھي آھي، سڄي سنڌ مان مطالبا ٿي رھيا آھن پر ائين لڳي ٿو سنڌ ۾ ڪا حڪومت ئي ناھي جيڪا ماڻھن جا مطالبا ٻڌي. مسئلا حل ڪري.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت ٻڌائي تہ ڏوھاري حڪومت ۽ رياست کان ڪيترا طاقتور آھن؟ آخر سنڌ اقليتن ۽ غريب ماڻھن جون نياڻيون ۽ ٻار ڇو غير محفوظ آھن؟ ھي سڄو نظام رڳو حڪمران طبقي جو محافظ ۽ انھن لاءِ جنت جھڙو ڇو آھي؟ ھاري، مزدور ۽ عام ماڻھو ڪنھن بہ وقت ڪنھن ڏوھاري جي نشاني تي اچي سگھن ٿا ۽ انھن لاءِ زندگي جھنم بنائي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ معصوم پريا ڪماري کي 10 محرم تي سبيل ھلائيندي اغوا ڪيو ويو هو. جيڪڏھن ڪنھن وزير يا ڪنھن طاقتور حڪومتي عملدار جو ٻار اغوا ٿئي ھا تہ چند ڪلاڪن ۾ اھو بازياب ٿي وڃي ھا ۽ جوابدار کي عبرت جو نشانو بنايو وڃي ھا. اياز لطيف پليجي چيو تہ وزيراعلي مراد علي شاھ ۽ آئي جي سنڌ کي گھرجي تہ اھي فوري طور معصوم پريا ڪماري جي گھر پھچي وارثن سان ملاقات ڪري کين ٻارڙي جي بازيابي جي خاطري ڪرائين. پريا ڪماري جو اغوا ڪيس وارثن جي مرضي سان داخل ڪرايو وڃي. وارثن جن جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪرائڻ چاھين ٿا، اھي ڪيس ۾ شامل ڪري انھن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غیرت، وہ کتا جو صرف عورت پر بھونکتا ہے
22nd Jul 2025
•
سندھ
تم الزام لگاتے رہو، ہم خدمت کرتے رہیں گے: ملک نثار احمد کا ملک برادری اور عوام کے ساتھ مل کر احتجاج
22nd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ ۾ برسات کانپوءِ شهرن جي خراب صورتحال
22nd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران ـ اسرائيل جنگ ۾ اسرائيل کي پھتل نقصان!
23rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غیرت، وہ کتا جو صرف عورت پر بھونکتا ہے
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي گھيري ۾ آھي، آبادگار پاڻي لاءِ پريشان آهن: اياز لطيف پليجو
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ھاليچي ڍنڍ ڀرسان قائم ڪمپني جي انتظاميہ جون رهواسين سان مبينا زيادتيون
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنب واسي جوڙي نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
معصوم ٻارڙي
معصوم پريا ڪماري
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے