English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ اجلاس
226 views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ انساني پيپيلوما وائرس (ايڇ پي وي) ويڪسينيشن مهم بابت ضلعي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي هن انساني پيپيلوما وائرس (ايڇ پي وي) سروائيڪل ڪينسر جي روڪٿام جي مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ 9 کان 14 سالن جي ڇوڪرين کي سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ لاءِ ويڪسينيشن جي حڪمت عملي تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته مهم جو دائرو ضلعي جي سمورن صحت مرڪزن سميت سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۽ مدرسن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي ويڪسينيشن مهم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن. اجلاس ۾ ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شاهه، ضلعي فوڪل پرسن (ايڇ پي وي) ڊاڪٽر بخت حسين شاهه کان علاوہ صحت، پي پي ايڇ آءِ، سوشل ويلفيئر، اوقاف، اطلاعات، تعليم، پوليس، سرسو، خانگي اسڪولن ۽ مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين پڻ ڏياريو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي فوڪل پرسن (ايڇ پي وي) ٻڌايو ته 15 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر 2025 تائين جاري رهندڙ ويڪسينيشن مهم جو مقصد ٺٽي ضلعي ۾ 81 ھزار کان وڌيڪ ڇوڪرين کي انساني پيپيلوما وائرس (ايڇ پي وي) سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جا ٽُڪا لڳائڻ جو ھدف مقرر ڪيو ويو آھي. هن چيو ته سروائيڪل ڪينسر دنيا جي عورتن ۾ چوٿون سڀ کان عام ڪينسر آهي ۽ ايڇ پي وي ويڪسين هن بيماري کي روڪڻ ۾ اثرائتو ثابت ٿي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو
0 تبصرے