English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ يوريا ڀاڻ جي اگهن جي حوالي سان اجلاس
views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)يوريا ڀاڻ جي اگهن جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ سيل جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو۔ ان موقعي تي اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، وائيس چيئرمين ميان خالد ولهاري، ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاهري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زراعت غلام سرور درس، چيئرمين آبادگار بورڊ، ضلعي عمرڪوٽ جا آبادگار غلام اڪبر درس، شڪيل باجوا، شاهنواز،انفارميشن آفيسر محمد اسلم ۽ ٻيا شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ سيل نويد الرحمان لاڙڪ ضلعي ۾ يوريا ڀاڻ جي دستيابي، اگهن ۽ ذخيره اندوزي واري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو۔ ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي تہ يوريا ڀاڻ سرڪاري مقرر ڪيل اگهن تي دستياب هجي ۽ غيرقانوني منافع خوري يا ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي تہ ضلعي اندر سمورن غيرقانوني يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙن جا لائسنس ختم ڪرايا وڃن ۽ رجسٽرڊ وڪرو ڪندڙن جي فهرست فراهم ڪئي وڃي۔ جيڪو بہ سرڪاري اگهن تي ڀاڻ فراهم نہ ڪري، ان خلاف پرائس ڪنٽرول ايڪٽ تحت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔ ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زراعت عمرڪوٽ اجلاس ۾ ٻڌايو تہ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪمپني جا رجسٽرڊ يوريا سيلر 18 آهن، جڏهن تہ 90 سيلر اهڙا آهن جن وٽ زراعت کاتي جا لائسنس موجود آهن۔ ھن ٻڌايو تہ آبادگارن کي وقت سر ڀاڻ جي فراهمي لاءِ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ سيل تحت زراعت کاتو هڪ شڪايت نمبر جاري ڪندو، جتي آبادگار آسانيءَ سان شڪايت درج ڪرائي سگهن ٿا۔ اجلاس ۾ زراعت، مارڪيٽ ڪاميٽي، روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Sep 2025
•
سندھ
جماعت اسلامی کے سینئر رہنما اور سابق امیر قمبر عبدالمجید سومرو انتقال کر گئے
08th Sep 2025
•
تازہ ترین
چیئرمین واپڈا سے پاکستان میں ورلڈ بنک کی کنٹری ڈائریکٹر کی ملاقات
08th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن انهن جو بنيادي حق آ
08th Sep 2025
•
سندھ
صدر یو بی جی زبیرطفیل کا پالیسی ریٹ سنگل ڈیجٹ پر لانے کا مطالبہ
08th Sep 2025
•
سندھ
جماعت اسلامی کے سینئر رہنما اور سابق امیر قمبر عبدالمجید سومرو انتقال کر گئے
08th Sep 2025
•
تازہ ترین
چیئرمین واپڈا سے پاکستان میں ورلڈ بنک کی کنٹری ڈائریکٹر کی ملاقات
08th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن انهن جو بنيادي حق آ
08th Sep 2025
•
سندھ
صدر یو بی جی زبیرطفیل کا پالیسی ریٹ سنگل ڈیجٹ پر لانے کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے