English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس پاران مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ
views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
مقابلي دوران هڪ ڏوهاري شبير بروهي پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو: پوليس
شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور ڀرسان لوڊرا ٿاڻي جي حد چوئي شاخ لڳ ڳوٺ وڏا ماڇي ۾ پوليس جو ڏوھارين سان مبينا مقابلو ھڪ ڏوھاري مارجي ويو ھڪ زخمي حالت ۾ گرفتار, مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوھاري جي سڃاڻپ شبير ولد علي نواز بروھي طور ٿي آھي, جڏھن تہ زخمي گرفتار ڏوھاري کي پوليس نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي,پوليس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تہ لوڊرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا ماڇي ۾ ڏوھارين جو اطلاع مليو 4 ڏوھاري ڏوھ ڪرڻ جي ارادي سان چوئي شاخ ڳوٺ وڏا ماڇي ويجھو بيٺل آھن,مختلف ٿاڻن جي پوليس بروقت واقعي واري ھنڌ پھتي جتي ڏوھارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني پوليس پاران فائرنگ ڪئي وئي, مارجي ويل ڏوھاري شبير بروھي پنھنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ موقعي تي مارجي ھڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي, جڏھن تہ 2 ڄڻا فرار ٿي ويا آھن, مارجي ويل ڏوھاري جو لاش ضروري ڪاروائين لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي,ھوڏانھن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب مبينا مقابلي ۾ مارجي شبير بروھي ڳوٺ وڏا ماڇي ۾ رات دير سان ماڇي برادري جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آھي ڀاڳين چور سمجھي فائرنگ شروع ڪئي ڀاڳين جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب شبير بروھي مارجي ويو ھڪ ڄڻو جان محمد سندراڻي زخمي ٿي پيو آھي, ٻي طرف لوڊرا پوليس مبينا قابلو ڄاڻائي ڇڏيو,مقتول شبير بروھي جي وارثن امڙ حاڪمزادي,ڀاء رفيق بروھي, سراج بروھي جو چوڻ آھي تہ شبير رات پنھنجي دوستن جان محمد سندراڻي سان ڳوٺ وڏا ماڇي دوا وٺڻ وڃي رھيا ھئا ماڇي برادري چور سمجھي سندن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني ڀاڳين اسان جي نوجوان کي ناحق قتل ڪيو آھي ھاڻي وري پوليس مقابلو ڄاڻائي رھيا آھن,واقعي جي جاچ ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو صدر بلاول سمون جي صدارت ۾ اجلاس, مختلف پروگرام ڪرائڻ بابت غور ويچار
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت جي اهتمام هيٺ شاهه ٽائون ۾ ختمِ نبوت ڪانفرنس
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي اديبن ۽ صحافين طرفان اسلامي مرڪز دارالقرآن جو دورو
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ملڪ ۾ ننگي ڊڪٽيٽرشپ جو اعلان آهي: وسند ٿري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
0 تبصرے