English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ محرم الحرام دوران بجلي جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو
166 views
|
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
شهرين توڙي عزادارن پاران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ويو
نوشهروفيروز (ڊ ر) ايامِ عزا دوران حيسڪو پاران رات جي وقت بجليءَ جي ڪنھن به قسم جي لوڊشيڊنگ نہ ڪرڻ واري ڪيل واضح اعلانن جي باوجود رات جي وقت شھر جي اڪثر علائقن ۾ بجليءَ جي ڊگهي لوڊشيڊنگ وارو سلسلو گذريل ٽن راتين کان مسلسل جاري آھي جنھن سبب شھر جي مختلف علائقن مان روزانو شام کان فجر واري نماز تائين برآمد ٿيندڙ سمورا سالانہ ماتمي پڙ انداھين ۾ گشت ڪري رھيا آھن ۽ عزاداريءَ واري سالانہ قديم سلسلي کي ڄاڻي واڻي متاثر ڪرڻ وارو سلسلو جاري آھي۔ حيسڪو جي ذميوارن پاران شڪايتون نوٽ ڪرائڻ جي لاءِ جاري ڪيل نمبرن تي ڪوبه فون کڻڻ لاءِ ئي تيار ناھي جڏھن ته ڪجهه علائقن ۾ بجليءَ واري ٽرانسفارمر کي خراب ٿئي 5 ڏينھن گذري چڪا آھن،پر ڪو قدم ناهي کنيو ويو جنھن سبب نہ صرف علائقي ۾ پيئڻ واري پاڻيءِ جي سخت ترین قلت پيدا ٿي وئي آھي پر گذريل 3 راتين کان ايامِ عزا واري سلسلي ۾ روزانو شام کان نمازِ فجر تائين علائقي مان برآمد ٿيندڙ سمورا سالانہ ماتمي پڙ ٻاٽ اونداھيءَ، گندگي، غلاظت ۽ ھنڌ ھنڌ تي بيٺل گندي پاڻيءَ مان گذري رھيا آھن جنھن سبب عزاداريءَ وارو قديم سالانو سلسلو سخت متاثر ٿي رھيو آھي ۽ 5 ڏينھن کان جاري ھن افسوسناڪ صورتحال خلاف ھاڻي علائقي واسي احتجاجي طور روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻا ھڻڻ تي مجبور ٿي رهيا آھن۔ عزادار رابطا ڪميٽي جي سرپرست زوار عبدالستار درس، حیسڪو پاران سڄي شھر ۾ جاري ھن انڌير نگريءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته ھن صورتحال ۾ نہ صرف سڄي شھر مان برآمد ٿيندڙ قديم سالانه ماتمي پڙن، مجلسن توڙي ماتمدارين وارو سلسلو سخت متاثر ٿي رھيو آھي پر ماڻھن کي نذر نياز توڙي سبيلون تيار ڪرڻ ۾ به سخت ڏکيائيون پاش اچي رھيون آھن جنھن سبب ھاڻي شھري توڙي عزادار حيسڪو خلاف احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي رھيا آھن۔ ھن وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي توڙي حيسڪو چیف کان ھن سنگين صورتحال جو فوري سنجيدہ نوٽيس وٺي ھن اھم ترین مسئلي کي فوري طور حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
0 تبصرے