English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير پوليس پاران ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جا 4 ايجنٽ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
views
|
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير جي قائدآباد واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران را جي ايجنٽن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جو تعلق جاتي سان آهي: ايس ايس پي شعيب ميمڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايس آءِ يو پوليس ملير قائدآباد ۾ خفيه اطلاع تي وڏي ڪارروائي ڪندي ڀارتي خفيه ايجنسي "را" سان لاڳاپيل چار جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي شعيب ميمڻ هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدار ڀارتي ڪرنل رنجيت سان سڌي رابطي ۾ هئا. انهن جي قبضي مان چار دستي بم، هڪ پسٽل ۽ هڪ گاڏي هٿ آئي آهي.ايس ايس پي موجب، جوابدار ملڪ جي اهم فوجي تنصيبات جي جيوٽيگنگ ڪري دشمن ايجنسين تائين حساس معلومات پهچائيندا هئا.اهي چارئي جوابدار ضلعو سجاول، تعلقو جاتي جا رهواسي آهن ۽ پيشو طور مڇيرا آهن.جوابدارن جي موبائيل فونن مان ملير، فوجي تنصيبات، سي پيڪ پروجيڪٽس ۽ سجاول ۾ واقع حساس هنڌن جون لوڪيشنون ۽ تصويرون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته انهن وٽان پاڪ فوج جو ٽريننگ مينول به هٿ آيو آهي.محمد خان ڀريو نالي جوابدار سال 2009 کان انهن سرگرمين ۾ شامل آهي، جيڪو 20 ڀيرا ڀارت جو دورو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ٻيا جوابدار به ڪيترائي ڀيرا ڀارت وڃڻ جا اعتراف ڪري چڪا آهن.ايس ايس پي شعيب ميمن وڌيڪ چيو ته سڀني جوابدارن جا ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس (BSF) جي ڪرڻل رنجيت سان رابطا هئا.گرفتار جوابدارن خلاف دهشتگردي، جاسوسي ۽ ملڪ دشمني جي دفعات تحت ڪيس داخل ڪري جاچ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ايس ايس پي شعيب ميمڻ
ملير پوليس
ڀارتي ڳجهي ايجنس
0 تبصرے