سنڌ جي مشهور معروف درگاھ لُواري شريف، سلسلئه نقشبنديه مجدديه جي تمام وڏي درگاھ آهي. جنهن جي روحاني فيض جو درياءُ نه رڳو سنڌ بلڪ پوري برصغير کان علاوه عرب، يورپ ۽ آفريڪا تائين ڦهليل آهي. لُواري شريف جي فيض جي درياءَ مان هزارين فيض جا چشما ڦٽي نڪتا، جن مان لکين بلڪ ڪروڙين انسان پنهنجي دلين جي سر زمين کي روحاني فيض سان فيضياب ڪندا رهن ٿا، جيڪو سلسلو اڄ به جاري ساري آهي. ڇو ته حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره جن جو فرمان آهي ته ”چون من درين جائي يکي بعد ديگري خواهد بود“ يعني مون جھڙو هن جاءِ تي هڪ ٻئي پويان ويهندو ايندو. ياد رهي ته فقط هيءَ واحد درگاھ آهي جتي پير صاحب نذرانو يا ڏنُ ڪو نه وٺن ۽ نه ئي وري درگاھ شريف تي ڪا نذراني يا چندي جي پيتي رکيل آهي.
حضرت سيدنا مرشدنا پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن جي ولادت باسعادت اربع جي ڏينهن تاريخ 20 جون 1979ع مطابق 24 رجب 1399ھ تي ٿي. سندن ولادت تي ان وقت درگاھ لواري شريف جي ستين سجاده نشين حضرت پير بادشاھ خواجه گل حسن قدس سره جن نه رڳو پاڻ خوشي جو اظهار ڪيائون، بلڪ سندن نالو مبارڪ ”پير محمد صادق“ ۽ لقب ”سخي بادشاھ“ رکڻ فرمايائون.
حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي مدظہٗ العالي جن جو سلسلي نسب حضرت خواجه قاضي احمد قريشي قدس سره جن جي دستخطي شجره مطابق مٿي مخدوم ميان احمد سنداڻي سيوهاڻي ۽ مخدوم ميان سَندو عليہ الرحمت ٽلٽي واري کان ٿيندو ڇٽيهين پيڙهيءَ ۾ حضرت رسول ڪريم ﷺ جن جي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب هاشمي قريشي سان وڃي ملي ٿو.
پاڻ پنهنجي ابتدائي تعليم ديني توڙي طريقتي پنهنجي والد سڳوري کان ورتائون. باقي ظاهري تعليم قاضي احمد ۽ اسلام آباد جي مکيه ادارن مان حاصل ڪيائون. جيئن ته سندن والد بزرگوار حضرت راحمي بادشاھ خواجه پير حاجي فيض محمد قريشي قدس سره جن چاليھ ورهيه درگاھ حضرت قاضي احمد جا سجاده نشين رهيا ۽ ان سان گڏ سال 1982ع کان وٺي پنهنجي مرشد ۽ درگاھ عاليه لُواري شريف جي ستين سجاده نشين حضرت پير بادشاھ خواجه گل حسن صديقي قريشي نقشبندي قدس سره جن جي وصيت موجب درگاھ عاليه لُواري شريف جا سجاده نشين به ٿي رهيا.
حضرت راحمي بادشاھ پير حاجي فيض محمد قريشي قدس سره جن جي وصال مبارڪ بعد سندن وصيت موجب حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي مدظلہٗ العالي جن سورهن سالن جي ڄمار ۾ سال 1995ع کان درگاھ عاليه لُواري شريف ۽ درگاھ حضرت قاضي احمد قريشي جا سجاده نشين مقرر ٿيا ۽ ان وقت کان وٺي ٻنهي درگاهن جون روحاني ذميواريون ۽ جماعت لُواري شريف جي سربراهي احسن طريقي سان سرانجام ڏيندا رهن ٿا. اڄ به نه رڳو جماعت لُواري شريف بلڪ مُلڪي توڙي غير مُلڪي سربراھ، سياستدان، علماءِ ڪرام ۽ پيرانِ طريقت سندن حاضري ۾ اُهائي روحاني ڪيفيت محسوس ڪندا آهن، جيڪا کين حضرت پير بادشاھ قدس سره ۽ حضرت راحمي بادشاھ قدس سره جن جي مجلسن ۽ ملاقاتن ۾ محسوس ٿيندي هئي.
پاڻ شروع کان وٺي جماعت جي ترقيءَ جا خواهان رهيا آهن. سندن دور ۾ جماعت لُواري شريف جي دنياوي ترقي به مثالي آهي. سندن ڏنل سماجي اصلاحات تحت جماعت لُواري شريف اندر ڪيتريون ئي اڍنگيون رسمون ختم ٿي چڪيون آهن يا ختم ٿي رهيو آهن. سندن جماعت کي سخت تاڪيد آهي ته جماعت لُواري شريف پاڻ ۾ طريقتي تعليم کي عام ڪن، اجائي ڏيک ويک جهڙوڪ شادين مرادين تي اجايو وڏو خرچ ڪرڻ، اجاين وهمن ۽ وسوسن ۾ پوڻ، هڪ ٻئي سان بغض، ڪينو ۽ حسد جھڙين بيمارين کان پاسو ڪن. هر وقت حضرت سلطان الاولياء قدس سره جي فِڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انسانذات جي ڀلائي ۽ خدمت جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
اُن سلسلي ۾ جماعت اندر سندن حڪم موجب نشات ڪوچنگ سينٽر، نشات اڪيڊمي ۽ نشات ڪميونٽي سينٽر وغيره جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي. سندن دور ۾ ”طريقتِ لُواريات“ جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا آهن جن ۾ خاص طور تي (1) پيربادشاھ لُواري شريف، (اردو) سال 1995ع (2) آئينه نشات گرلس ونگ، سال 1995ع (3) مجله، (اردو) سال 1995ع (4) راحمي بادشاھ لُواري شريف، (اردو) سال 1996ع (5) پهلا سالانه عرس مبارڪ راحمي بادشاھ، (اردو) سال 1996ع (6) راحمي بادشاھ لُواري شريف: جلد پهريون، سال 1996ع (7) پير بادشاھ لُواري شريف: جلد چوڏهون، سال 1996ع (8) لُواريءَ جا لال، (ٽيون ايڊيشن) سال 1996ع (9) لطيفة التحقيق، (اردو) سال 1996ع (10) پير بادشاھ لُواري شريف: جلد پندرهون، سال 1997ع (11) راحمي بادشاھ لُواري شريف: جلد ٻيو، سال 1997ع (12) پير بادشاھ لُواري شريف: جلد سورهون، سال 1998ع (13) راحمي بادشاھ: جلد ٽيون، سال 1998ع (14) پير بادشاھ لُواري شريف: جلد سترهون، سال 1999ع (15) راحمي بادشاھ لُواري شريف: جلد چوٿون، سال 1999ع (16) پير بادشاھ لُواري شريف: جلد ارڙهون، سال 2000ع (17) امام الاولياء لُواري شريف، سال 2000ع (18) قصائد شريف، (ٽيون ايڊيشن) سال 2001ع (19) آئينه نشات: جلد ٻيو، سال 2001ع (20) فردوس العارفين، (اردو) سال 2002ع (21) صقال الضمائر، (اردو - ٻيو ايڊيشن) سال 2003ع (22) پارس، (ٻيو ايڊيشن) سال 2004ع (23) آئينه اولياء لُواري شريف، (اردو - ٻيو ايڊيشن) سال 2006ع (24) ملفوظات بزرگانِ لُواري شريف، سال 2004ع (25) الورد المحمدي معه تڪمله، سال 2024ع، 26. تذڪره بزرگان قاضي احمد، سال 2024ع، 27. قرآن شريف سنڌي ترجمو قاضي ميان عزيزالله مٽياروي، سال 2024، 28. ماهوار رساله اظهارِ حقيقت، جا پنج پرچا (29) ٽماهي پيغامِ لُواريه جا 33 پرچا وغيره.
ان کان علاوه پاڻ فلاحي ڪمن سان پڻ خاص دلچسپي رکن ٿا. جن ۾ خاص طور تي حضرت سلطان الاولياء فائونڊيشن، پير گل حسن شاھ ٽرسٽ، نشات ويلفيئر آرگنائيزيشن، صوفي انسٽيٽيوٽ لواري شريف، نشات لائبريري لواري شريف وغيره جھڙا ادارا نه رڳو مُلڪي بلڪ بين الاقوامي سطح تي به قومي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هنن ادارن طرفان مختلف وقتن تي طبي ڪيمپون، ٻوڏ ۽ هنگامي صورتحال ۾ رليف ڪيمپون، غريب، يتيم ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ گھرن جي تعمير، يتيم ۽ مسڪين شاگردن لاءِ اسڪالرشپون وغيره مهيا ڪيون وڃن ٿيون.
سندن دوستي ۽ تعلقات جو حلقو تمام وسيع آهي ۽ سندن خدمت ۾ هر وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مُلڪي توڙي غير مُلڪي ماڻهن جي اچ وڃ ۽ ميل ملاقات ٿيندي رهي ٿي. لُواريءَ جي لالن جي مهمان نوازي جڳ مشهور آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا گھٽتائي نه آهي، بلڪ اڄ ڪلھ جي دور مطابق اڃا وڌيڪ مثالي حيثيت رکي ٿي. جن به هڪ دفعو ساڻن ملاقات جو شرف حاصل ڪيو هوندو ته اهو سڄي عمر سندن دانائي، دورانديشي، مهمان نوازي جا ڳڻ ڳائيندو رهندو.
حضرت قبله پير محمد صادق قريشي دائم برڪاتہٗ جن جو وجود مسعود هن دور ۾ انسان ذات لاءِ وڏي سعادت آهي. سندن تعليمات ۽ سندن فلاحي ڪمن جو هر ماڻهو مُعتِرف رهي ٿو. سندن فرمان آهي ته ”هر وقت ۽ هر حال ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ کي، اسان جي پياري نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ ۽ مرشد ڪريم سائين سلطان الاولياء قدس سره ۽ سندن جانشينن جي فرمان پاڪن موجب ياد رکڻو آهي ۽ ان ئي ذات پاڪ جو ذڪر ڪرڻو آهي. ان سان گڏ دنياوي ترقيءَ لاءِ به جدوجھد ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگھجي.“ اڄ جماعت لُواري شريف انهن سونهري اصولن تي عمل ڪندي اڳتي وڌي رهي آهي.
0 تبصرے