هولوڪاسٽ جو بدلو وٺڻ لاءِ جنگ جي جنون ۾ ورتل اسرائيل

خيال کتري

هولوڪاسٽ جو بدلو وٺڻ لاءِ جنگ جي جنون ۾ ورتل اسرائيل

يهودي دنيا لاءِ هولو ڪاسٽ جو فقط نالو وٺڻ به ملڪ الموت جي برابر آهي. هولو ڪاسٽ هڪ اهڙو بيانڪ ۽ اڻ وسرندڙ واقعو آهي. جنهن ۾ دنيا تان 99.99 سيڪڙو يهودي ماري مڃ ڪيا ويا هئا. جرمنيءَ ۾ هولوڪاسٽ جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن اڊولف هٽلر جي چانسلر طور جنوري 1933ع ۾ مقرري ٿي. ان کان ترت پوءِ نازي جرمن حڪومت يهودين کي جرمني جي معاشي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ مان خارج ڪري ڇڏيو. جيڪو نازين طرفان جرمنيءَ تائين محدود نه رکيو ويو. پر ان کان ٻاهر جتي جتي نازين جو اثر رسوخ وڌندو رهيو، اتي يهودين سان ناروا سلوڪ جاري رهيو. نازين يهودين لاءِ سخت خارجه پاليسي جوڙي، جنهن تحت انهن کي ملڪ بدر ٿيڻ تي گھڻو زور ڏنو پئي ويو. ته هو جرمنيءَ مان نڪري وڃن. هن سخت پاليسيءَ جو نتيجو ٻئي عالمي جنگ جي صورت ۾ سامھون آيو. جيڪا 1939ع کان 1945ع تائين وڙهي وئي. جرمني جي نازين جي ڀرپاسي جي علائقن تائين واڌاري جو آغاز 1938 ۾ ٿيو. ان وقت جرمني پاڙيسري ملڪ آسٽريا ۽ سڊيٽن لينڊ جو پاڻ سان الحاق ڪري ورتو هو. ۽ چيڪ زمينن تي پڻ قبضو ڪري ورتو هو. پهرين سيپٽمبر 1939ع تي نازي جرمنيءَ پولينڊ تي حملو ڪري ٻئي مهاڀاري لڙائيءَ جي شروعات ڪري ڇڏي. ٻن سالن ۾ جرمنيءَ يورپ جا ڳچ حصا سوويت يونين جي اولهندي وارن حصن تائين ڪاهي آيو. ۽ انهن تي قبضو ڪري ورت. نازي جرمنيءَ اٽلي، هنگري، رومانيه ۽ بلغاريه جي حڪومتن کي پاڻ سان اتحاد ۾ گڏ کڻي، پنهنجي تسلط کي اڳتي وڌايو. ان کان سواءِ ڪروشيا ۽ سلواڪيه رياستون پڻ قائم ڪيون. 1942ع تائين الحاق، حملن، قبضن ۽ اتحادن جي نتيجي ۾ نازي جرمني يورپ جي ڪافي علائقن ۽ اتر آفريڪا جي ڪجھ حصن تي پنهنجو تسلط قائم ڪري ورتو. ۽ پنهنجين سخت پاليسين تي عمل ڪندي، يورپ جي سمورن يهودين شهرين کي قتل عام جو نشانو بڻايو. نازين ۽ ان جي ساٿارين سٺ لک يهودين کي قتل ڪيو. باقي وڃي ڪجھ يهودي بچيا جن کي پنهنجو غلام بڻائي انهن کان ڪم ڪاريون ورتيون وينديون هيون. ان کان سواءِ دنيا جي ٻين پاسن ۾ آباد يهودي، جيڪي جرمنيءَ جي حدن کان ٻاهر هئا. يا جرمني نازين جي اکين کان اوجھل هئا. سي بچي ويا. ٻئي مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ ملڪن جي آزادين جا ڏهاڙا شروع ٿيا. ته اقوام متحده برطانيا جي معرفت باقي بچي ويل يهودين کي اسرائيل نالي رياست جوڙي ان ۾ آباد ڪيو. ان جو بدلو وٺڻ لاءِ اڄ اسرائيل جنوني جنگ جي ور چڙهي چڪو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هو پهرين فلسطين کي ۽ ان جي بهاني سان ٻين اسلامي ملڪن تي حملا ڪري، انهن کي نيست و نابود ڪرڻ جي پويان لڳي چڪو آهي. هن کان پهرين هو فلسطينين جي هزارين ماڻھن کي بمن جو نشانو بڻائي چڪو آهي. ۽ لکين فلسطيني بي گھر ڪري چڪو آهي. اڃان به هو چاهي ٿو ته فلسطيني پنهنجو وطن فلسطين خالي ڪري ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ وڃي رهن. ته جيئن فلسطين جي زمين به پنهنجي قبضي ۾ ڪري اسرائيل جون حدون ڪشاديون ڪري سگھي. هن کان پهرين هن سان يمن، اردن، شام مهاڏو اٽڪائي چڪا آهن. جيڪي اڃان تائين پنهنجي وِت آهر مقابلو ڪندا پيا اچن. پر اسرائيل کي دنيا جي وڏي ۾ وڏي دهشتگرد آمريڪا جي سو سيڪڙو پشت پناهي حاصل رهي آهي. جيڪو پڻ چاهي ٿو ته دنيا جي تختي تي اسرائيل واحد ملڪ هجي، جنهن جو سڄي دنيا تي تسلط قائم رهي. ۽ پاڻ آمريڪا پڻ اهڙن دهشتگردن جي پشت پناهي ڪرڻ ۾ پنهنجو وڏو مفاد رکي ٿو. جو هن کي هن وقت اقتصادي ۽ فني مهارتن ۾ مخالف ڌر جا ملڪ خاص ڪري چين ۽ روس ڏکيا لڳا آهن. جيڪي هن لاءِ دنيا ۾ اقتصادي ترقيءَ جون راهون سوڙهيون ڪندا وتن. اهڙين حالتن ۾ آمريڪا پنهنجي پاليل ڪُتي کي گراه سان گڏ هُشيون پڻ ڏيئي رهيو آهي، ته هو مشرق وسطيٰ جي ملڪن سان ويڙه ڪندو رهي، ته جيئن ان جي معاشي حالت سان گڏوگڏ سندس دنيا ۾ وڏيرڪي حيثيت پڻ ڳچ وقت تائين قائم رهي سگھي. پر هن کي اها شايد خبر نه آهي، ته يهودي اها قوم آهي. جيڪا ڪنهن جي به سڄڻ نه آهي. هنن کي دنيا جي تختي تان صفا ختم ڪرڻ ۾ ڪردار يورپين خاص ڪري نازين، عيسائين ۽ انهن جي هم خيالن جو رهيو آهي. جن کي هو قيامت تائين وساري نٿي سگھي. توهان جي علم ۾ هئڻ گھرجي ته يهودين جي دنيا جي تختي تان نالو نشان ختم ڪرڻ جا ذميوار اڊولف هٽلر، نازي تحريڪ ۽ عيسائي آهن. ته پوءِ اڄ يهودين جي نشاني تي جرمني، يورپ ۽ آمريڪا هئڻ جي بدران رڳو اسلامي ملڪ ڇو؟ هن سوال جو جواب ايندڙ وقت ئي ڏيندو، ته يهودي پنهنجي اصل دشمنن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ دير ڇو پيا ڪن. بهرحال هن وقت جي تازين خبرن موجب يهودين بيت المقدس مان عيسائين کي ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ جا رويا اختيار ڪري چڪي آهي. جنهن مان بلڪل به اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هو ڪنهن جا سڄڻ نه آهن. هنن کي پنهنجي تذليل ۽ نسلي قتل جو بدلو وٺڻو آهي. پوءِ انهن جي راھ ۾ جيڪو به رڪاوٽ بڻبو، تنهن کي به هو نشانو بڻائيندي دير ڪونه ڪندا. هن وقت اسرائيل ڇتي ڪُتي وانگر لوس لوس ڪري منزل ماڻڻ تائين هر راھ ۾ ايندڙ کي ڏاڙهي رهيو آهي. پر هو اهو نٿو سمجھي ته هن جي اصل دشمنن عيسائين (خاص ڪري يورپ) تائين پهچڻ لاءِ پهرين پاڻ کي سگھارو ڪرڻو پوندو. تنهن ڪري هو چاهي پيو ته ڪيئن به ڪري پنهنجي حڪومتي سرحدن کي دنيا جي هر ملڪ کان چـؤڻو پنجوڻو وڌائي سگھارو بنائي. پوءِ انهن عالمي طاقتن سان مهاڏو اٽڪائي. پنهنجو اصل بدلو پورو ڪري. پر اسرائيل اهو وساري چڪو آهي، ته هن کي پنهنجي ناجائز رياست کي وڌائن لاءِ جيڪو معصوم ۽ بي ڏوھ مسلمانن جو قتل ڪري آهي. سو ان کي اڳتي وڌڻ ڏيندو؟ بلڪل به نه اها مسلمان امت جي سستي آهي. جو اڄ اسرائيل ڌرتيءَ تي قائم آهي. جي مسلم امت ۾ غيرت جاڳي پئي ته اسرائيل جو بنياد ئي پٽجي ويندو. پر اڃان مسلمان تماشبين ٿيو پيا ڏسن. جڏهن ته اسرائيل پنهنجي جنگي جنون کي قدم به قدم اڳتي وڌائيندو اچي. ۽ اچي ايران کي پهتو آهي. جيڪي پنهنجي نه رڳو پنهنجو دفاع ڪري رهيا آهن. پر حملا آور ٿي اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن تي حملا ڪري ان کي نقصان پهچائي چڪا آهن. جيڪڏهن ايران جي ٿيل نقصان جو (جنهن ۾ ان جا سائنسدان، فوجي جرنيل، سگھارا ذهن ۽ خفيه جاين کي نشانو بڻايو ويو آهي) تن جو ازالو سڀئي اسرائيلي عام ماڻھو مري به نٿا ڪري سگھن. جهڙي حيثيت جا ماڻهو ايران جا حدف بڻايا ويا آهن. اهڙي ئي حيثيت جا حامل اسرائيلي حدف بنائڻ کانسواءِ ازالو ممڪن ڪونھي. ان لاءِ مسلم امت کي پنهنجا ذاتي مقاصد پاسي تي رکي ضرور سوچڻ گھرجي ته فلسطين کان وٺي ايران تائين جيڪي به اسلامي ملڪ آهن. اهي ته جنگ جي ور چڙهي چڪا آهن. سي ته مرڻ مارڻ کان هاڻي پاسيرا ٿي نٿا سگھن. پر جيڪي اڃان اسرائيل جي ٽارگيٽ تي نه چڙهيا آهن. گھٽ ۾ گھٽ تن کي ته سوچن گھرجي، پر اها ڳالھ به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته ايران کان پوءِ پاڪستان نشاني تي هوندو. ان کي حفظ ما تقدم تحت هڪدم قدم کڻڻ گھرجي، ته جيئن ملڪ تي حملي ٿيڻ جي نوبت تائين معاملو پهچي ئي نه. اهو به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته هي نه رڳو ڪنهن هڪ ٻن ملڪن جو مسئلو آهي. پر هيءُ پوري مسلم امت جو مسئلو آهي. اسين مسلمان هئڻ جو فرض پوري ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ پهچي پاڻ ملھايون. پاڪستان کي اسلامي ايٽمي ملڪ هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. ته هن کي ان اعزاز جو مان پڻ رکڻ گھرجي. پنهنجي مسلمان ڀائرن جي مدد ڪارڻ هڪ برجستي خارجه پاليسي جوڙي، بين الاقوامي سگھاري قوتن تي زور ڏئي ته هو، هن قتل و غارت کان دنيا کي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. جي هنن ما ڪو کڙ تيل نه نڪري، ته پاڪستان کي پنهنجي اسلامي ملڪن کي نيست و نابود ٿيڻ کان بچائڻ ۽ دنيا جي مسلمانن جي اڳواڻيءَ جو وقت اچي ويو آهي. ايٽمي اسلامي ملڪ هئڻ جي ناطي پاڪستان اهو فرض هاڻي پورو ڪرڻ ۾ دير نه ڪري ۽ پنهنجا سڀ وسيلا ڪتب آڻي. دنيا جي تختي تي موجود مسلمانن جي مالڪي ڪري. انهن کي وڌيڪ قتل و غارت کان بچائي.