English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري، رهواسي روڊن تي نڪري آيا
views
|
17th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
پپري، شاهه ٽائون، گهگهر ڦاٽڪ، عزيز سٽي ۽ ٻين علائقن جي رهواسين جو ڪي اليڪٽرڪ آفيس آڏو ڌرڻو
ملیير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملیر ۾ ڊگھي لوڊشيڊنگ خلاف پپري، شاھ ٽائون، گهگهر ڦاٽڪ، عزيز سٽي ۽ ٻين علائقن جي رهواسين ۽ چونڊيل مڪاني نمائندن پاران قومي شاهراه لڳ جوڳي موڙ تي ڪي اليڪٽرڪ آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويوجنهن جي اڳواڻي يوسي پپري جو چيئرمين ڊاڪٽر عظمت لنڊ، چيئرمين اڪبر ڪلمتي، وائس چيئرمين علي محمد گبول ۽ مير عباس ڪري رهيا هئا مظاهري دوران ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي۔ مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ هڪ مافيا بڻجي وئي آهي، جيڪا سخت گرمي ۾ ماڻهن کي بجلي کان محروم ڪري ظلم جي انتها ڪري رهي آهي۔انهن چيو ته بجلي جي بندش سبب پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، ڪاروبار مڪمل طور بند ٿي ويا آهن، ۽ علائقي واسي عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور بجلي بحال نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف سخت قدم کنيا ويندا۔ انهن چيو ته هاڻ خاموشي جو وقت ناهي، ظلم خلاف آواز اٿارڻو پوندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملیير
ملیر ۾ ڊگھي لوڊشيڊنگ
0 تبصرے