سجاول(رپورٽر) جشن آزادي معرقه حق جي حوالي سان نودو ٻارڻ ھاء اسڪول , بوائز ڊگري ڪاليج سجاول, مورڙو مرڪز , پيرامڊيڪل ايسوسيشن طرفان الڳ الڳ پروگرام منعقد ڪيا ويا
پروگرامن ۾ ڊي سي سجاول زاهد حسين رند ايس ايس پي علينا راڄپر استادن پ پ اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ ضلعي ڪائونسل ميمبر ڊاڪٽر اقبال ميمڻ ' پروفيس محمد حسن ڀٽي ' شاداب جوڻيجو , سعيد احمد عمراڻي سميت سياسي ,سماجي شھرين سول سوسائٽي , شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي , تقريبن ۾ شاگردن پاران ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا ۽ پاڪستان سان محبت ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو , ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان کي پاڪستان جي فوج تي فخر آهي پاڪستان جي فوج هميشه پاڪستان جي حفاظت ڪئي آهي پاڪ فوج سان پاڪستان جي عوام دل سان پيار ڪري ٿي اسان کي پنھنجي فوج تي فخر آهي ڊي سي سجاول ۽ ايس ايس پي شاگرن کي سٺي ڪارڪردگي ۽ ٽيبلوز پيش سرٽيفڪيٽ ڏنا
0 تبصرے