English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ واڳن جي گھيري ۾ آھي، سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي: اياز لطيف پليجو
210 views
|
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ واڳن جي گھيري ۾ آھي سنڌي ماڻهو پنهنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن. سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڪرپشن، بدامني لاقانونيت ،ميرٽ جي لتاڙ ۽ منشيات پيپلز پارٽي جو ڏنل تحفو آهي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ کي غلام بنائڻ لاءِ جھالت، غربت مسلط ڪري ڇڏي آھي سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي. نوڪرين، روزگار ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ھاڻ اقتدار خاطر درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سفارشي ۽ ڪرپشن ڪلچر اسان جي انفراسٽڪچر کي تباھ ڪيو آھن۔ وزيرن ۽ ايم پي اي، ايم اين اي جي ھٿ۾ ڪجھ ناھي. اڳتي وڌڻ جا 2 رستا تعليم ۽ سياست آھي. ڪرپٽ، دھشتگرد، انتھاپسند ۽ عوام دشمن جاگيردار سياست کي پنھنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري رھيا آھن، وطن دوست، عوام دوست، علم دوست ۽ انسان دوست ماڻھو اڳتي اچي دو نمبر ماڻھن کان سياست جو ميدان ڦري وٺن. تعليم، صحت، ترقي، روزگار سميت ھر معاملو سياست سان جڙيل آھي. سنڌ جي بقا جو واحد رستو سياست ۽ تعليم آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے