پورٽ قاسم موڙ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين ريلي ڪڍي وئي، پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سرڪاري سيڪندري اسڪول پورٽ قاسم ڪيمپس جي استادن ۽ شاگردن طرفان جشن آزادي ريلي، پورٽ قاسم موڙ کان ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان پاڪستان زنده باد جا نعرا، وڏڙن وڏين قربانين بعد ملڪ حاصل ڪيو اسان کي آزادي جو قدر ڪرڻ گهرجي مضبوط ۽ منظم فوج سبب اسان جي ملڪ ڏانهن ڪير به ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي، هيڊ ماستر ڪپتان شاھ تفصيل موجب سرڪاري سيڪنڊري اسڪول پورٽ قاسم ڪيمپس جي استادن ۽ شاگردن هيڊ ماستر ڪپتان شاھ، افتخار احمد، انور تنيو، احمد ميمڻ، عتيق احمد، معشوق علي، محمد جمن ميمڻ، منصور احمد ۽ بين جي اڳواڻي ۾ پورٽ قاسم موڙ کان جشن آزادي ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ان موقعي تي هيڊ ماستر ڪپتان شاھ چيو ته اسان خوش نصيب آهيون جو آزاد ملڪ م سک سان زندگي گهاري رهيا آهيون هن چيو ته آزادي جي قدر ڪرڻ آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جي موجوده حالتن مان ڪريو وڏڙن وڏين قربانين بعد ملڪ حاصل ڪيو آهي هن چيو ته مضبوط ۽ منظم فوج دشمن ڀارت کي تازو تاريخي شڪست ڏئي ڏند کٽا ڪري ڇڏيا هئا هاڻي ڪنهنجي جي جرت نه ٿيندي جو اسان جي ملڪ ڏانهن ميري اک کڻي ڏسي
0 تبصرے