English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ بيواهه عورت ۽ سندس ڌيءَ تي مبينا تشدد ۽ سندن گهر تي قبضي خلاف ڌرڻو
36 views
|
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
مرحوم چنيسر راهمون جي ملڪيت تي قبضي ۽ سندس بيواهه ۽ ڌيءَ تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي رحيم ڪالوني ۾ ٻه ڏينهن اڳ مرحوم حاجي چنيسر راهمون جي بيوهه مقيمان ۽ ڌيءَ خديجه جي گهر تي مبينا طور ھنج ورتل پٽ روشن راهمون ۽ ساٿين پاران حملي، تشدد ۽ ڦرلٽ واري واقعي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ راهمون برادري جو احتجاج جاري، واقعي بابت بيوهه جي فرياد تي سٽي ٿاڻي تي روشن راهمون، اسد راهمون، مولا بخش هاليپوٽو، ممتاز سومرو، اسماعيل نھڙي، صالح آريسر ۽ هڪ نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پر پوليس اڃان تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي، ذرائع موجب جوابدارن کي هاءِ ڪورٽ مان 15 ڏينهن جي ضمانت ملي وئي آهي، جڏهن ته متاثرن جو چوڻ آهي ته پوليس بااثر سياستدانن ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي چوڻ تي بتماشائي بڻيل آهي، مظاهرين الزام هنيو ته جوابدار کلي عام موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ پوليس کين گرفتار ڪرڻ بجاءِ تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، احتجاج جي اڳواڻي نظام راهمون، مشتاق راهمون، نرمل ميگهواڙ، گل منير ولھاري، يوسف سميجو، قمرالدين راهمون، ممتاز راهمون، مانجھي راهمون، عبدالخالق سميجو ۽ محمد عمر نھڙي ڪئي، مظاهرين پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو مين روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ الزام هنيو ته پوليس جوابدارن کان پئسا وٺي کين ضمانت ڪرائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، متاثرہ خديجه راهمون جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پوليس گهر مان ڦاٽل ڪپڙا جاچڻ جي بهاني آئي، پر ان دوران تيل جي مد ۾ پنج هزار رپيا نقد وٺي وئي، مظاهرين چيو ته عمرڪوٽ پوليس ۽ بااثر سياستدانن جي ملي ڀڳت سان انصاف جو قتل ڪيو پيو وڃي، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته جوابدارن جي ضمانت کانپوءِ به ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي آهي، راهمان برادري ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پوري ضلعي ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مرحوم چنيسر راهمون
عمرڪوٽ
متاثرہ خديجه راهمون
0 تبصرے