English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون
130 views
|
11th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
وفاقي حڪومت ۽ سند حڪومت گڏجي سنڌ لٽي رھيا آھن، عوام بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهي: اڳواڻ
حيدرآباد/ڪراچي/کورواھ/باڊھ /ڄام صاحب/کيبر: حيدرآباد: پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ستين ڏينھن به سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ بار اڳيان قومي عوامي تحريڪ لائيرس فورم طرفان مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي قومي لائيرس فورم جي اڳواڻ عابد جوڻيجو، ديدار چانڊيو، مقصود سومرو، اختيار چنه، علي راض جوڳي، ڪاشف خاصخيلي، حنيف چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. ھوڏانھن رزاق آباد پوليس سينٽر کان عوامي پريس ڪلب تائين مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، ڪراچي ڊويزن جي سينئر نائب صدر فياض اتيرو، ضلعي ملير صدر جنسار هيسباڻي، جنرل سيڪريٽري ھريرام سنڌي، ضمير لغاري، ذوالفقار سنجراڻي، سينگار بليدي، سجاد لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٻئي طرف باڊھ ۾ ضلعي صدر سڪندر لاشاري، سٽي صدر عبدالوحيد ڪانڌڙو، جميل لاڙ ذيشان کوکر ۽ غلام حيدر سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جڏھن ته ڄام صاحب ۾ ضلعي صدر مير محمد منگي، محمد حسن پلھ، جمشيد منگي، لال خان شر ۽ شاهنواز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. کورواھ ۾ ڪامريڊ يوسف لاشاري، وڪيو لاشاري ۽ اسماعيل لاشاري جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ کان ريلي ڪڍي وئي. مٽياري جي شھر کيبر ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ فضا ملاح، زاھد ڀنڀرو، معشوق چانڊيو، رب ڏنو ملڪ ۽ ڀيڻ جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ خطاب ڪندي چيو تہ وفاقي حڪومت ۽ سند حڪومت گڏجي سنڌ لٽي رھيا آھن. زرداري ليگ اقتدار عيوض سنڌ جون زمينون ۽ پاڻي ڀڳڙن مُٺ تي وڪڻي سنڌ کي برباد ڪري رھي آھي. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نہ پيو ڏنو وڃي. جيڪي سنڌ جا زرخيز ضلعا ھئا، آھي ھن بنجر ٿي ويا آھن. ڊيلٽا تباھ ٿي ويو آھي. سنڌ ۾ ڪروڙين ماڻھو غربت ۽ بدحالي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ايڊووڪيٽ ديدار چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جي منڊي بڻجي ويو آھي. نوڪرين جا واڪ لڳن ٿا. ڪروڙين ۾ نوڪريون وڪامن ٿيون. محنت ڪندڙ نوجوان مايوس آھن. سنڌ جي شاگردن سان ويساھ گهاتي ڪئي پئي وڃي. سڄي سنڌُ بدامني جي ور چڙھيل آھي. سنڌُ وانا ۽ وزيرستان جو ڏيک ڏئي رهي آھي. حُڪمران ڪرپشن جا بيتاج بادشاھ آھن. اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ سنڌ جي زمينن جو نيلام، پاڻي تي ڌاڙو، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڌاڙيل ڪلچر بند ڪري انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے