ٺٽي ۾ ضلعي انتظاميه پاران جشن آزادي جي مناسبت سان سمنڊ ڪناري شاندار ٻيڙين جي ريلي

ريلي جو مقصد آزادي جي جدوجهد ۾ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ قومي هيروز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ هو

ٺٽي ۾ ضلعي انتظاميه پاران جشن آزادي جي مناسبت سان سمنڊ ڪناري شاندار ٻيڙين جي ريلي

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ضلعي انتظاميه ٺٽو پاران آزادي جي جشن جي مناسبت سان "معرڪه حق" جي عنوان سان سمنڊ ڪناري شاندار ٻيڙين جي ريلي جو اھتمام - جشنِ آزادي جي حوالي سان ضلعي انتظاميه ٺٽو پاران ڪيٽي بندر جي سمنڊ ڪناري تي "معرڪه حق" جي عنوان سان هڪ شاندار ٻيڙين جي ريلي جو اهتمام ڪيو ويو. هن خاص تقريب جو مقصد آزادي جي جدوجهد ۾ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ قومي هيروز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ نوجوان نسل ۾ قومي شعور پيدا ڪرڻ هو.ان ريلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنرز فراز احمد عباسي، شاکر فهيم، ٽائون ڪميٽي گهوڙا ٻاري جي چيئرمين محمد رمضان پنھور، سميت وڏي انگ ۾ محب وطن شهرين، ماهيگيرن، سماجي تنظيمن ۽ مختلف ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ٻيڙيون قومي جهنڊن سان سينگاريل هيون، جيڪي ساحل تي خوبصورت منظر پيش ڪري رهيون هيون، جڏهن ته ملي نغما ۽ قومي يڪجهتي جا نعرا فضا ۾ گونجي رهيا هئا.ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو، سماجي اڳواڻن، رضاڪارن ۽ مقامي انتظاميا جي نمائندن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ قومي يڪجهتي، امن، ڀائيچاري ۽ آزادي جي اهميت کي اجاگر ڪندي پنهنجن فرضن کي ياد رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو .ريلي جي پڄاڻي تي قومي ترانو وڄايو ويو ۽ گڏجي دعا ڪئي وئي. ان کان پوءِ شرڪت ڪندڙن هڪ مختصر تقريب ۾ به شرڪت ڪئي جتي ٻيڙي جي ريس ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ماهيگيرن ۾ انعام تقسيم ڪيا ويا. ان سان گڏ بزرگ شهرين ۽ ٻارن ۾ قومي جهنڊا، بيجز ۽ تحفا پڻ ورهايا ويا.هي ٻيڙي ريلي نه رڳو جشنِ آزادي جي تقريبن جو حسين حصو هئي، پر ان شهرين کي پنهنجي قومي فرضن ۽ ذميوارين جي ياد ڏيارڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.