ٺٽي ۾ حضرت امام حسين عه جي چهلم جي حوالي سان اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ اجلاس ٿيو

ٺٽي ۾ حضرت امام حسين عه جي چهلم جي حوالي سان اجلاس

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) حضرت امام حسين عليه السلام جي چهلم جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم، رينجرز انسپيڪٽر اڪرم کان علاوہ صحت، مرف، پي پي ايڇ آءِ، ميونسپل، ٽائون، حيسڪو، پبلڪ ھيلٿ، اطلاعات، ريسڪيو 1122 ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سميت عزادار ڪائونسل ٺٽو جي صدر سيد جاويد شاهه حسيني، مجلس وحدت مسلمين (عذاداري ونگ) سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سيد عبدالحسين شاهه، متولي جلوه گاھ امامين ۽ قدم گاھ مڪلي سيد علي حسين شاهه، شيعه علماء ڪائونسل ٺٽو جي صدر سيد طالب حسين شاهه ۽ ٻين عالمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عالمن تي زور ڀريو ته اهي حضرت امام حسين عليه السلام جي چهلم جي موقعي تي مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي ماحول کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن مجلسون، ماتمي جلوس ۽ ٻيا مذهبي پروگرام پرامن طريقي سان پنھنجي پُڄاڻي تي پھچي سگهن. هن چيو ته ٺٽو ضلعو امن جو گھوارو ۽ هميشه پرامن رهيو آهي، پوليس پاران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، ان جي باوجود، رينجرز اهلڪار به پوليس سان گڏ پنهنجا فرض ادا ڪندا. هن سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته شهرن ۾ صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، ماتمي جلوسن جي روٽس تي طبي ڪئمپون ۽ ايمبولينس جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حيسڪو عملدارن کي به هدايت ڪئي ته چهلم جي موقعي تي خاص طور تي رات جي وقت لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ جلوسن جي گذرگاھن تي بجلي جي تارن کي ٺيڪ ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي چيو ته ڪانٽيجنسي پلان تحت فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. هُن عالمن تي زور ڏنو ته اهي سماج ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سوشل ميڊيا تي ڪنھن جا جذبات مجروح ڪندڙ پوسٽون شيئر ڪرڻ ۽ انھن تي تبصرا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس پاران رينجرز ۽ ضلعي انتظاميہ سان گڏ فليگ مارچ پڻ ڪيو ويندو.