صوفي شاهه عنايت شهيد جي ڏسيل واٽ راهه هدايت

عبدالفتاح عباسي

صوفي شاهه عنايت شهيد جي ڏسيل واٽ راهه هدايت

16 صفر 17 جي رات حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد رحمت الله عليه جھوڪ شريف واري ولي ڪامل بزرگ هستي جو 317 هون ساليانو عرس مبارڪ مزار جھوڪ شريف ۾ شاندار نموني عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، جنهن ۾ سنڌ، هند، آمريڪا، لنڊن، جاپان، چين، فلپائين وغيره ملڪن کان هزارين عقيدت مند شرڪت ڪري رهيا آهن، هن عرس مبارڪ ۾ 372 کان وڌيڪ ٻاريون لڳايون وينديون، حق موجود سدا موجود جون صدائون گونجندڙ جھوڪ شريف ۾ هر طرف نعرا لڳندا رهن ٿا، سالياني عرس جي مبارڪ جي موقعي تي مزار مبارڪ تي گلن جون چادرون چاڙهيندي افتتاح ڪيو ويندو آهي، هر ٻاري ۾ عشق محبت الاهي جا خوب سبق ڏنا وڃن ٿا، هن وستي جھوڪ شريف ۾ هر ماڻهو امير توڙي غريب بنا ڪنهن فرق جي پيرين اگهاڙو ۽ مٿي تي ٽوپي پائي پهچي ٿو، فقيري جي پنڌ ۾ سڀ وڌائي، تڪبر ۽ غرور جا سبق وساري ڇڏي ٿو صرف ۽ صرف تون ئي تون جي مست وار سبق اوراق ۾ مستغرق بڻجي وڃي ٿو، حضور عليه الصلوات والسلام “ خاتم النيين ” امام الانبياءَ آهن، پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم سڀني علمن جا عظيم سرچشما آهن ۽ مدينته العلم آهن، مدني سرڪار صلي الله عليه وسلم فرمايو ته “ آئون علم جو شهر آهيان ۽ علي انجو دروازو آهي” انهيءَ ڪري سڀني علمن جي شروعات مولا علي عليه السلام جي ذات پاڪ آهي، علم تصوف يعني روحاني يا باطني علم حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان حاصل ٿئي ٿو اهو علم اهلبيت اطهار ۽ صحابه ڪرام ورهايو آهي، حضرت علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم سڀني صوفين جا امام ۽ اڳواڻ آهن، اهلبيت عظام، اصحاب ڪرام، تابعين، تبع تابعين، کانپوءِ تصوف جو علم مختلف دورن ۾ مختلف علائقن ۽ قومن تائين پهتو، اسلامي دنيا جي عظيم صوفين ۽ اولياءَ الله هن روحاني فيض ۽ علم هدايت کي ساري دنيا ۾ پکيڙيو آهي پوءِ جن ڪامل انسانن ۽ اعليٰ صفت بزرگن پنهنجي پنهنجي طريقي سان مختلف علائقن ۾ وڃي، باطني علم ۽ نوراني فيض عوام الناس تائين پهچايو انهن بزرگن جي حوالي سان تصوف جا نوان سلسلا قائم ٿيا، تصوف جا گهڻا ئي سلسلا آهن پر انهن مان چار سلسلا نهايت مشهور آهن، جن ۾ نقشبندي، قادري، سهروردي ۽ چشتي آهن، نقشبندي سلسلي جو اڳواڻ حضرت بهاءُ الدين نقشبندي رحمت الله عليه آهي، هيءُ بزرگ شهر بخارا ۾ سنه 718 هه ڌاري تولد ٿيو، پاڻ حضرت علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي اولاد مان هئا،  سندن وفات سنه 791 هه ۾ ٿي، هن طريقت جي سلسلي ۾ اڳتي هلي خواجه ابوالحسن خرقاني رحمت الله عليه ، حضرت بايزيد بسطامي رحمت الله عليه ۽ حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جهڙن اعليٰ مقام بزرگن جا نالا به اچن ٿا، ڪن مستند مايه ناز ڪتاب ۾ حضرت سلمان فارسي رضي الله تعاليٰ عنه ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جن تائين پهچي ٿو پر برصغير ۾ نقشبندي سلسلي جا مشهور بزرگ حضرت خواجه احمد سرهندي مجدد الف ثاني سنڌ ۾ خواجه محمد زمان لواري شريف وارا وغيرهه آهن، قادري سلسلي جا عظيم رهبر حضور غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني پيران پير دستگير رضي الله تعاليٰ عنه آهن، سندن جي ولادت پهرين رمضان المبارڪ 470 هجري ۾ قصبه جيلان ۾ ٿي، سندن جو سلسلو نسبت حضرت سيدنا امام حسن مجتبيٰ عليه السلام سان ملي ٿو، سندن جو فيض پوري دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشهور عام آهي، “ پيران پير دستگير ” سندن جو لقب آهي، پاڻ اڪثر وعظ ۽ نصيحت ذريعي ماڻهن کي تصوف جي تعليمات ڏيندا رهندا هئا،  سندن جون ڪرامتون ظاهر ڏسڻ ۾ اينديون هيون حضور غوث اعظم 561 هه بمطابق 1166 ع ۾ بغداد شريف ۾ وصال فرمايو، برصغير ۾ هن سلسلي جا مشهور بزرگ حضرت ميان مير رحمت الله عليه لاهور اوچ شريف جي جيلاني سادات، سلطان باهو، پير سائين پاڳارا، رياست خيرپور، سادات راڻي پور وارا ، درگاهه جهوڪ شريف جا صوفي سادات ۽ درگاهه سچل سرمست درازا شريف وارا مشهور آهن، اهڙي طرح سهروردي سلسلي ۽ چشتي سلسلي جي اڪابرين جون تصوف جي حوالي سان وڏيون بي مثال ڪاوشون خدمتون آهن، حضرت صوفي شاهه عنايت شهيد رحمت الله عليه هڪ وڏي پائي جو صوفي بزرگ درويش هو، تصوف ۽ روحانيت جا نه فقط پوئلڳ پر وڏي پرچار ڪندڙ سرواڻ هيا، پاڻ انقلابي سوچ رکندڙ شخصيت جا مالڪ هيا، انسانيت جي خدمت ڪندڙ انساني مساوات قائم ڪندڙ هيا، هو نه صرف سنڌ ڌرتيءَ جا انقلابي صوفي اڳواڻ هيا پر هو پوري دنيا جي عظيم انسان طور مشهور هيا، هي صوفي شاهه عنايت شهيد صوفي شخصيت جي حوالي سان بين الاقوامي سطح تي مشهور آهن، سندن جي زندگي، فڪر ، نظريي ۽ انقلابي تحريڪ بابت تمام گهڻو تحقيقي ڪم ٿيڻ جي ضرورت آهي، صوفي شاهه عنايت شهييد رح جي چاهيندڙن، عقيدتمندن جو پوري دنيا ۾ هڪ وڏو تعداد موجود آهي، سندن جي عقيدت ۾  ٽي سال اڳ ۾ 312 هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي  شرڪت ڪئي سون، سنڌ جي جهوڪ شريف شهر ۾ عالمي سطح جي عظيم صوفي بزرگ هستي حضرت صوفي شاهه عنايت الله شهيد رحمت الله تعاليٰ عليه جي نگري ۾ هر سال ساليانو عرس مبارڪ ٿيندو آهي جتي سنڌ جي مارو ماڻهن سان گڏوگڏ پوري پاڪستان بلڪ پوري دنيا کان پانڌيئڙا وڏي تعداد ۾ عقيدت ۽ احترام سان حاضري ڀرڻ اچن ٿا، سندن جي عظيم خانقاهه درگاهه عاليه جهوڪ شريف ۾ عرس مبارڪ جون تقريبات منعقد ٿيون، جنهن جي صدارت درگاهه شريف جي سجاده نشين قبله سائين عطاءُ الله شاهه ستاري ڪئي، عرس جي موقعي تي سنڌ جي عوام وڏي تعداد ۾ پانڌيئڙا مرد توڙي عورتون شريڪ ٿيون، جهوڪ شريف سنڌ جي صوفين جو اهو واحد آستانو آهي، جيڪي پرينءَ جي پچار ۾ مصروف عمل رهن ٿا، جتي جي تعليمات ۾ انسان دوستي، رواداري، پريت پيار، نياز نوڙت عاجزي انڪساري سميت محبت جا اسرار جڳ مشهور آهن، جڏهن انهيءَ عظيم خانقاهه ڏانهن راهي ٿياسين ته هرهڪ دوست عقيدت جا گل دل ۽ دماغ ۾ محفوظ رکندي وضوءَ واري صورت ۾ وک وک تي ڪوشش ڪندي ذڪر الله ۾ مشغول رهندي پاڻ کي وڏا خوش نصيب محسوس ڪندي حاضريءَ جي سعادت لاءِ سندن درگاهه عاليه جهوڪ شريف پهتاسين، پهريون دفعو دوستن سان گڏ انهيءَ محبت جي مرڪز ڏانهن وڃڻ ٿيو، لاڙڪاڻي شهر کان ڊگهي سفر دوران رستي ۾ سنڌ جي ڪامل ولي بزرگ هستي حضرت محمد عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهباز رحمت الله تعاليٰ عليه جي متبرڪ ۽ مبارڪ دربار عاليه ۾ حاضريءَ جي سعادت نصيب ٿي، جتي قطارون ٺاهي زيارت ڪرائي پئي وئي، رات سوا نائين وڳي ڌارا درگاهه تي پهچڻ شرط گاڏيءَ کي پارڪنگ ڪرائي سامهون ڏسون ٿا ته جهوڪ شريف جي نگري ۾ روضه مبارڪ ۽ جامع مسجد رنگ برنگي ٽيوب لائٽين جي روشنيءَ ۾ جرڪي رهيون آهن، ملڪي حالتن جي پيش نظر سيڪيورٽيءَ جا  سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ فردن فردن مزار ڏانهن داخل ٿيندڙ ماڻهن کان تلاشي وٺڻ لاءِ عرس جي سيڪيورٽيءَ جا سمورا انتظام بلوچستان صوفي سنگت سنڀالي رهي آهي جنهن جي نگراني درگاهه جهوڪ شريف جا صوفي سائين غلام حسين ، صوفي اشتياق حسين، صوفي رحمان سائين سنڀالي رهيا هئا، مرڪزي گيٽ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اعلان ڪيو وڃي ٿو ته هرهڪ پانڌيئڙو عقيدت مند منهن تي ماسڪ پائي، مٿي تي ٽوپي يا رومال رکي ۽ پيرن مان چمپل بوٽ لاهي پوءِ اڳتي وڌي، گيٽ مان انٽري ٿيڻ بعد اتي ئي ساڄي پاسي کان لاڙڪاڻي وارن دوستن جي رهائشي جڳهه جنهن کي اتي هڪ مخصوص نالي “ ٻاري” سان سڏيو پئي ويو، اتي لاڙڪاڻي جا صوفي دوست سائين حاجي علي خان ٻرڙو، صوفي حاجي بشير علي جتوئي ( پراڻو بليو لائن ڪوچ سروس جو مئنيجر انچارج )، پائليٽ اسڪول جو استاد ڪرشن لعل ( جيڪو ڪالهه 9 آگسٽ ڇنڇر ڏينهن ديهانت ڪري ويو), جنهن جي وڇوڙي تي سندس جي پونئرن سان ڏک جو اظهار ڪجي ٿو، صوفي استاد نديم علي پيرزادو، لاڙڪاڻي جو بهادر استاد اڳواڻ سائين مظهر حسين سومرو، صوفي فقير واپڊا لاڙڪاڻو جو خدمت گار ۽ ٻيا ڪيترائي دوست ملن ٿا، سندن ٻاهران آيل مهمانن کي سنڌ جي روايتن موجب ڀليڪار ڪيو وڃي ٿو، جنهن کانپوءِ صوفي سائين رکيل شاهه ۽ ان بعد صوفي سائين امام  الدين ڊکڻ جي ٻاريءَ تي درگاهه جهوڪ شريف جا گادي نشين سائين صوفي عطاءُ الله  ستاري  عرف صاحب ڪريم انهن ٻنهي ٻارين تي اچي محفل صوفياڻي راڳ ۾ شرڪت ڪن ٿا، انهن ٻنهي ٻارين سميت هرهڪ ٻاريءَ جا صوفي فقير پنهنجو نصيب ڀاڳ ڀلو محسوس ڪندي پنهنجين پنهنجين ٻارين تي شدت سان وڏي اڪير سان محبت ڀريو انتظار ڪندا رهن ٿا انهن صوفي فقراءَ موجب ته شايد قبله سائين اسان تي مهرباني ڪرڻ فرمائين ۽ اسان جي ٻاريءَ عنايت ٿئي، اهڙي طرح بزرگ سائين پيرين پنڌ نظرون هيٺ ڪندي ذڪر جي حالت جيان پنهنجي مخصوص ذڪر جي جڳهه وٽ وڃن ٿا، جتي پريت جي پنڌ جا پانڌيئڙا پنهنجي محبت ڀري انداز ۾ عاشق ۽ محبوب جي فراق ۾ گم ٿيل عشاق درشن ۽ ديدار ڪندي منزلون طئي ڪندي نظر اچن ٿا، ٻئي ڪافي تعداد ۾ ملاقات جا منتظر وقفي وقفي سان سڄي رات سائين صوفي عطاءَ الله ستاري سان ملاقات ڪندا رهن ٿا ۽ انهن کي ذڪر ۾ رب تعاليٰ سان ملائڻ وارا نسخا انمول وظيفا اهڙا ٻڌايا وڃن ٿا جنهن ۾ غير به پنهنجو ٿي وڃي ۽ اهڙي پرچار جيڪا غير مان پنهنجائپ وارو احساس ڏياريندي قريب ترين دوست ڀاءُ وڌيڪ محسن بڻائي ٿي، اهڙي طرح باڊهه جا صوفي دوست پنهنجي ٻاريءَ ۾ راڳ ويراڳ ڪرائي رهيا هيا جتي صوفي راڳي معشوق علي ۽ انهي جي سنگت صوفياڻا راڳ چئي سڀني کي ذڪر جي حالت ۾ محو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 315 کان وڌيڪ ٻاريون هيون جن مان هن 123 ٻارين ۾ مختلف جاين تي سنڌ جا ناليوارا مشهور صوفي راڳي شفيع فقير، سهڻو فقير، صوفي منور فقير ابڙو، صوفي صدرالدين شاهه ، فقير اعجاز ، فقير رباني ۽ ٻيا راڳي صوفي پنهنجي مٺڙي آواز ۾ صوفياڻا ڪلام حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه، حضرت سچل سرمست رحمت الله عليه، سائين چيزل شاهه سميت ٻين عظيم هستين جا مالڪ جي محبت ۾ مستغرق بڻجڻ وارا ڪلام ٻڌائي فقراءَ کي مستيءَ ۾ آڻي رهيا هئا، فجر جي نماز کان اڳ نماز تهجد ڌارا مزار مبارڪ جو مرڪزي دروازو کوليو وڃي ٿو ۽ انهي دوران ڪيترائي پانڌيئڙا زائرين نماز تهجد پڙهڻ سميت ذڪر الله ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا ته ڪي وري روضي مبارڪ تي حاضريءَ جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿين ٿا، جتي پنج مزارون نمايان نظر اچن ٿيون جنهن ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد رحمت الله عليه، صوفي شاهه محمد يوسف شهيد، صوفي سلام الله شاهه القادري ، سائين رحمت الله شاهه صوفي القادري شهيد، سائين مخدوم ابراهيم شاهه شامل آهن، وڏي عقيدت سان هرهڪ حاضري ڀري ٿو فاتح خواني ڪندي روحاني سڪون حاصل ڪندي دعائون گهري ٿو پر ڏک انهي ڳالهه جو ٿيو ته هن ايڏي وڏي عظيم صوفي بزرگ هستيءَ جي مزار مبارڪ جي مختلف حصن جو ڪم انتهائي زبون حالت ۾ پهتل هيو، جنهن تي هن صوفياڻي مزاج وارا ضرور سوچي ويچاري ڪنهن ممڪن حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا، هزارين لکين هن عظيم هستيءَ سان نينهن جو ناتو نڀائڻ وارا هن ڳالهه کي ضرور ڏسن جيڪڏهن وقت ملن ته اهڙي زبون حالي ڏسي دل کي حقيقي معنيٰ ۾ ڏک پهتو باقي روضي مبارڪ جو صحن آڳر پراڻي طرز شاندار هئي،ائين ئي ڪجهه گهڙيون وقفي بعد صبح جو يارهين وڳي ڌارا درگاهه جهوڪ شريف جي سجادهه نشين سائين عطاءُ الله ستاري جو وڏو پٽ صوفي زبير الدين ستاري دعا لاءِ پهچن ٿا، جتي دعا ۾ به ڪلاڪ ٻه ڀٽائي سرڪار جون وايون ڳايون وڃن ٿيون ۽ اجتماعي ۾ پري پري کان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿين ٿا، جنهن ۾ عورتن جو تعداد پڻ مردن جيترو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هتي رنگ نسل ، ذات پات، قبيلي، خاندان جي ڪا به پچا نه ڏٺي وئي سڀ هيڪڙائي جي پنڌ جا مسافر گڏ ڏسجن ٿا، دعا بعد تبرڪ ورهايو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ لنگر شريف کارايو وڃي ٿو. هن سموري روحاني عرس مبارڪ جي چار روزهه تقريبات ۾ انتظام ڪميٽي طور سائين صوفي وارث ستاري، لنگر تي صوفي نظام الدين ستاري، سيڪيورٽي جي انتظامن ۾ سائين صوفي غلام حسين اڳيان نظر اچن ٿا، جيڪي ميڊيا جي دوستن جو وڌ ۾ وڌ خيال ڪندي سندن ڪوريج ڪرڻ لاءِ نمايان محبت ڪندي اڳتي آڻيندي هيءُ محبت ڀريو ماحول دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ لاءِ ڪوششون وٺن ٿا.هن روحاني ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندي اسانجي سنگت سائين محمد رفيق سولنگي، افتخار علي سانڊاڻو، راشد چانديو ۽ منير چانڊيو ڏاڍي خوسي محسوس ڪندي اندازي کان وڌيڪ لطف ۽ سرور محسوس ڪندي چون ٿا ته هتي پاڻ کي وڏو مزو آيو ڇاڪاڻ ته جتي محبت ڀري ۽ اسرار جي ڳالهه ۽ رمز هجي اتي ڪرم نوازيون ٿينديون رهن ٿيون، رب پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻي آهي ته انسانيت جي خير خواهي وارو ڪم ۾ مصروف عمل ٿي وڃو ۽ رب جو رضامندو خوشنودي خلق خدا ۾ سمايل آهي، انسانيت جو معراج مولا ڪريم جي مخلوق جي خدمت ۾ راز پوشيدهه آهي، اسان جو هتي دنيا ۾ اچڻ جو به ڪو مقصد آهي هروڀرو ڪا به مخلوق ائين پيدا نه ڪئي وئي آهي. پوءِ سوچون ته اهو ڪهڙو آهي، دنيا ته عارضي ۽ قليل آهي باقي ته هميشه واري زندگي اڳتي آهي، جنهن لاءِ ڪوشش ڪرڻي آهي. تنهن ڪري پرينءَ جي پچار ۾ جيڪو وقت گذريو اها وڏي سعادت آهي. 317 عرس مبارڪ جي حوالي سان سجاول جي ڊپٽي ڪمشنر پاران 12 آگسٽ اڱاري ڏينهن تي پوري ضلع ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي،