ڏوڪري ۾ آل پاڪستان خاصخيلي اتحاد پاران جشن آزادي جي حوالي سان ريلي

ڏوڪري ۾ آل پاڪستان خاصخيلي اتحاد پاران جشن آزادي جي حوالي سان ريلي

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ آل پاڪستان خاصخيلي اتحاد پاران قومي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي آهي. آل پاڪستان خاصخيلي اتحاد جي ضلعي صدر نور احمد خاصخيلي، شمس الدين خاصخيلي، نثار احمد خاصخيلي، اصغر علي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 14 آگسٽ قومي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ريلي کي اڳواڻي ڪندڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ريلي ڪڍڻ جو مقصد 14 آگسٽ جي سلسلي ۾ پاڪستان ۽ پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي ۽ اظهار محبت ظاهر ڪرڻ آهي، هنن چيو پاڪستان خاصخيلي اتحاد جي مرڪزي چيئرمين سرائي نياز حسين خاصخيلي جن جي حڪم تي ريلي ڪڍي وئي آهي، هنن چيو پاڪستان کي قائد اعظم محمد علي جناح، علامہ اقبال، سائين جي ايم سيد، سر سيد احمد خان، ٻين عظيم ليڊرن سميت ان وقت جي عوام بيشمار قربانيون ڏئي آزاد ڪرايو، جنهن ڪري اڄ پاڪستان هڪ آزاد رياست ۽ خودمختيار ملڪ آهي، هنن چيو خاصخيلي اتحاد جو هر ننڍو وڏو فرد ملڪ سان بي پناه محبت ڪندو آهي، جڏهن تہ اسان قدم قدم تي پاڪ فوج سان شانہ بشانہ گڏ آهيون،