English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ هنج ورتل پٽ جو ساٿين سميت بيواهه ماءُ ۽ اڪيلي ڀيڻ تي مبينا حملو، تشدد ۽ تذليل، ڪيس داخل
views
|
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
هنج ورتل پٽ روشن رامهون ساٿين سميت حملو ڪري ڌيءَ خديجا جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا: بيواهه مقيما راهمون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي رحيم ڪالوني ۾ مرحوم حاجي چنيسر راهمون جي بيوهه مقيمان ۽ اڪيلي ڌيءَ خديجه راهمون تي گود / ھنج ورتل پٽ روشن راهمون ۽ هٿياربند ساٿين جي مبينه حملي شهر ۾ هُلچل مچائي ڇڏي، متاثر عورتن جو چوڻ آهي ته حملي آورن ڪمرن جا تالا ٽوڙي، قيمتي زيور ۽ سامان لٽي ورتا، تشدد ڪيو ۽ ڌيءَ کي جنسي طور هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، واقعو مبينه طور تي ڪروڙين رپين جي جائيداد ۽ 800 ايڪڙ زمين تي قبضي جي تڪرار جو تسلسل آهي، متاثر عورتن موجب مرحوم حاجي چنيسر جي پوري زندگيءَ جي ڪمائي 75 لک رپين جون دڪانون، 500 ايڪڙ زرعي زمين جن مان 175 ايڪڙ جي ڪاغذن کي جعلي چيو وڃي ٿو، پٿورو ۾ 20 لک رپين ۾ وڪرو ٿيل بنگلو، 80 ايڪڙ زمين هڪ هاليپوٽو کي وڪرو، 3 ٽريڪٽر، هڪ ٿريشر، هڪ ٽرالي، هڪ جي ايل آءِ ڪار، پوٽهار جيپ ۽ 2 موٽر سائيڪلون سڀني تي روشن راهمون قبضو ڪري وڪرو ڪري ڇڏيا، خديجه راهمون جو چوڻ آهي ته اڄ صبح جو 10 وڳي روشن ولد قبول راهمون هٿ ۾ شراب جو ڪارٽن کڻي، اسد ولد روشن پستول سميت، مصطفيٰ ولد دودو،ھڪ آريسر، هڪ هاليپوٽو، هڪ سومرو ۽ 5–6 اڻڄاتل ماڻهون لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي گهر ۾ داخل ٿيا، روشن راهمون ڌيءَ کي ٻانهن مان جهلي ڪمري ۾ گهيلي جنسي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسد مٿي تي پستول رکي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، جڏهن ته مولا بخش پستول ڏيکاري چيو ته روشن جي ڳالهه مڃو، نه ته جان سان مارينداسين، عيني شاهدن موجب جوابدار سون جو لاڪٽ، ٻه چوڙيون ۽ جھومڪ ڦري بيواهه ۽ ڌيءَ کي ڌڪا ڏئي گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، عورتن جي دانهن تي پاڙي وارا گڏ ٿيا، پر حملي آور ويندي ويندي به قتل جون ڌمڪيون ڏئي ويا، پاڙي وارن جو چوڻ آهي ته حاجي چنيسر جون ٻه زالون هيون، پر اولاد ۾ صرف هڪ ڌيءَ آهي، جڏهن ته روشن راهمون کي گود ورتو ويو هو، حاجي چنيسر جي وفات کان پوءِ بيواهه ۽ ڌيءَ جي چوڻ موجب هوءَ گذريل 8 سالن کان وراثتي جائيداد لاءِ عدالتن ۽ ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي رهيون آهن، پر سياسي پشت پناهي رکندڙ روشن راهمون، جيڪو يو سي جو چيئرمين آهي، کلي عام ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جڏھن تہ راھمان برادريءَ جا ڪيترا ئي ماڻھون سٽي ٿاڻي تي موجود آھن پر اڃان تائين ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو اھي الزام آھن تہ ايس ايڇ او فون کڻڻ لاءِ تيار ناھي، پر متاثر عورتن جو چوڻ آهي ته حملي آوار پوليس جي موجودگي ۾ به ڌمڪيون ڏيندا رهيا، متاثرن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ انساني حقن واري تنظيمن کان فوري نوٽيس ۽ جان ۽ مال جي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي، ٻئي طرف واقعي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مرحوم حاجي چنيسر راهمون جي پهرين وڏي زال جو هڪ وڊيو بيان وائرل ٿيو آهي، جنهن ۾ هوءَ الزام لڳائي رهي آهي ته حاجي چنيسر پنهنجي زندگي ۾ ئي اهو گهر سندس نالي ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي ان تي به قبضي جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هي بيان معاملي کي هڪ نئين تڪرار ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ڪجهه بااثر ۽ نالي ماتر سماجي شخصيتون پسِ پرده ملاقاتون ڪري مبينا طور تي وڏي رقم عيوض معاملو دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته جوابدارن کي سياسي سرپرستي ۽ پوليس جي حمايت حاصل هجڻ جا سنگين الزام به سامهون آيا آهن، ٻئي طرف واقعي سان لاڳاپيل وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ پوليس ۽ انتظاميه جي مبينا غفلت تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جو اجلاس وجئہ ساگر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان ناري جو امڙ سميت مڙس ۽ ڏيرن خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: موسيٰ ڳوٺ کان پي ڪي ڪمپني تائين پورهيتن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مارچ
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ صحافي امتياز مير جي قتل خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
رحيم ڪالوني ۾ مرحوم حاجي چنيسر راهمون
0 تبصرے