English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ناليواري اديب شاعر صحافتي سماجي اڳواڻ سورج سجاولي جي چوٿين ورسي، ڀيٽا پيش
245 views
|
08th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سورج سجاولي تاريخ جو وڏو نالو هو، جيڪو هميشه مظلومن جو آواز بڻيو: منظور رحيم پليجو ۽ ٻيا
سجاول (رپورٽر) سنڌ جي قومي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي فرزند، پريس ڪلب سجاول جي اڳوڻي صدر، پ پ پ اڳواڻ ۽ بھترين شاعر سورج سجاولي جي چوٿين ورسي سادگي سان ملهايي وئي. ان موقعي تي سندس قبر تي گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ دعا گهري ويئي. جڏھن ته سرويچ نگر م قرآن خواني جو پڻ احتمام ڪيو ويو ,ورسي جي تقريب ۾ سياسي، سماجي، صحافتي حلقن سميت اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن سورج سجاولي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو تاريخ جو وڏو نالو هو، جيڪو هميشه مظلومن جو آواز بڻيو. سندس خدمتن جي بدولت اڄ به سڄي سنڌ کيس ياد ڪري ٿي.تقريب ۾ پ پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري منظور رحيم پليجو، سورج سجاولي جي وارثن مان نجيب سرويچ، عادل سرويچ، پريس ڪلب سجاول جي صدر اسماعيل سرويچ، سليم کوسو ملڪ صديق ملاح ، شبير سمون، عبدالغفار ٻارڻ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن عبد سنڌي، اياز امر شيخ، اصغر ميمڻ، سڄڻ سنڌي، پ ٽ الف اڳواڻ عرفان سومرو، عبدالشڪور، ميربحر ، عبدالغفور ميمڻ، صديق آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.شرڪت ڪندڙن سورج سجاولي جي ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هو سدائين سنڌ ڌرتيءَ لاءِ آواز اٿاريندو رهيو، جنهن جي بدولت هو هميشه سنڌ واسين جي دلين ۾ زنده رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سورج سجاولي تاريخ
0 تبصرے