English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ضلعي ۾ مختلف حادثن ۽ واقعن دوران 4 انساني جانيون ضايه، ڪيترائي جوابدار گرفتار
112 views
|
08th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ورڪشاپ ۾ جهيڙو دوران فائرنگ ۾ ايس يو پي ضلعي صدر عمران خشڪ جو ڀاءُ اياز خشڪ مارجي ويو
ٺٽو (ڊ ر)ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پوليس جي بروقت ۽ موثر ڪاررواين دوران منشيات، چوري، جهيڙي ۽ ٽرئفڪ حادثي سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترائي جوابدار گرفتار، موٽرسائيڪل، منشيات ۽ ٽرڪ هٿ ڪري قانوني ڪارروائي به عمل ۾ آندي وئي آهي.انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس غلام نبي ميمن ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن تي، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تحت منشيات ۽ عادي ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.انهيءَ سلسلي ۾، ايس ايڇ او ٿاڻو ٺٽو، سب انسپيڪٽر مظفر علي خالدي پنهنجي ٽيم سان گڏ اوجهري مسجد لنڪ روڊ تي سنيپ چيڪنگ دوران ٻن گاڏين (ڪرولا ASW-651 ۽ آلٽو BRJ-251) مان 204 ڪلو گرام گٽڪو مٽيريل ۽ 300 پڙيون گٽڪو ماوا هٿ ڪري، عبدالمتين، محمد يوسف ۽ شهروز عرف شيري نالي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ڪراچي جا رهواسي آهن. مٿن گٽڪو ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.هڪ ٻي ڪارروائيءَ ۾، ٺٽو پوليس کي اطلاع مليو ته درگاهه شاھ گوھر گنج جي احاطي مان سلطان ساٽي جي 2024 ماڊل CD 70 موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي آهي. ايس ايڇ او ٺٽو مظفر علي خالدي جي اڳواڻي ۾ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي آگر محلو ٺٽو مان موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي. سلطان ساٽي، ايس ايس پي ٺٽو ۽ پوليس ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو. ۽ ايس ايس پي پاران پوليس ٽيم کي شاباش ڏني وئي.مڪلي پوليس موجب، ورڪشاپ علائقي ۾ ڊبو گيم دوران خشڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ۽ فائرنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ايس يو پي ٺٽو ضلعي صدر عمران خشڪ جو ڀاءُ اياز خشڪ فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو.ايس ايس پي ٺٽو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او مڪلي کي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪيو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا آهن. آخري اطلاعن تائين سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن . ٺٽو پوليس مطابق، ٺٽو سجاول بائي پاس تي موٽرسائيڪل ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ بابا جعفر بروهي، ذوالفقار جاکرو ۽ عباس جاکرو فوت ٿي ويا. لاش پوليس جي نگرانيءَ ۾ سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيا ويا. پوليس فوري طور ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي، ڪلينڊر رضوان پتافي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڊرائيور جواد فرار ٿي ويو آهي. سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن ۽ قانوني ڪارروائي هلي رهي آهي. ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي پاران پوليس جي سمورين ڪاررواين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ٺٽو پوليس منشيات، ڏوهن، جهيڙن ۽ غيرقانوني حرڪتن خلاف سخت ڪارروائيون جاري رکندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ضلعي ۾ مختلف حادثن
0 تبصرے