اسسٽنٽ ڪمشنر فرزانہ ميراڻي، پ پ اڳواڻ محمد علي عرف امر خان ٻگھيو ٽي اي او غلام مصطفيٰ کوکر ۽ ٻيا شريڪ
ڏوڪري(رپورٽر) پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي 14آگسٽ جي مناسبت سان حيدر بخش جتوئي ميموريل ھاءِ اسڪول ڏوڪري طرفان تقريب ڪوٺائي وئي،تقريب ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ محمد علي عرف امر خان ٻگھيو،اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي،ٽي اي او ڏوڪري غلام مصطفيٰ کوکر، ٽي اي او باقراڻي ممتاز علي تنيو، ھيڊ ماستر نثار سولنگي،عبدالغفور زھراڻي،احمد علي سومرو، علي بخش پٺاڻ،اقبال جعفري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي ضلعي نائب صدر محمد علي عرف امر خان ٻگهئي چيو 14آگسٽ تي ملندڙ آزادي اسان جي وڏڙن جي جدوجهد ۽شهادت کان پوءِ ملي آهي،پاڪستان اسان جو گهر آهي ۽ ان جي حفاظت ھر شهري جو فرض آهي، جيڪڏهن اسان سڀ گڏ ھونداسين دشمن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.ھن چيو ته هي ملڪ پاڪستان اسان جي ملڪ سڃاڻپ آهي، اسان جو فرض آهي، اسان جي عزت آهي.ھن چيو ته ھر مشڪل گهڙي ۾ اسان پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهيون.
0 تبصرے