English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو ،ٻسٽان ۾ دڪان تان ڦر ،مزاحمت تي فائرنگ ۾ دڪاندار زخمي
views
|
06th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربندن راجيش عرف راجو مالهي جي دڪان مان ڦرلٽ بعد فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو ،ٻسٽان ۾ دوڪان تان ڦر ،مزاحمت تي فائرنگ دوڪاندار، زخمي، محمود آباد مان همراه کي ڪهاڙي هڻي زخمي ڪري موٽر سائيڪل ڦر ،پوليس پاران ورتل مهلت ختم ،اڄ خميس ڏينهن شٽر بند هڙتال ڪري ڌرڻي جو اعلان، خبر موجب پوليس جي نااهلي سبب ڪنري ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني تيز ٿي وئي آهي ٻسٽان ۾ ڏينهن ڏٺي جو ٻه موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن راجيش راجو مالهي جي دوڪان ۾ گهڙي دوڪان مالڪ کي يرغمال بڻائي ٻه لک روپيا روڪ موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري مزاحمت تي فائرنگ ڪري دوڪاندار راجو مالهي کي گولي هڻي زخمي ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ علائقي واسي ۽ پوليس پهچي زخمي کي اسپتال آندو جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ ٻه هٿياربندن محمود آباد وٽان روشن دين کي ڪهاڙي هڻي زخمي ڪري موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا زخمي کي تعلقي اسپتال آندو ويو ٻه ڏينهن اڳ ڪنري مان واپاري پرديپ ڪرشن لوھاڻي جي دوڪان تان ڏينهن ڏٺي جو ڦر واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج ظاهر ٿيڻ باوجود پوليس ڪاروائي بدران ٻه ڏينهن جي ورتل مهلت ختم ٿي وئي پر ڪا ڪاروائي نه ٿي علائقي ۾ بدامني عروج تي هجڻ پوليس پاران آسرا ڏئي نااهلي جو مظاهرو ڪرڻ تي واپاري تنظيمن طرفان اڄ خميس ڏينهن ڪنري ۽ ٻسٽان ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ڌرڻي جو اعلان ڪيو گذريل ڏينهن پوليس جي منٿن سبب ڏنل هڙتال جو سڏ ملتوي ڪيو ويو هو پر اڄ هڙتال جو حتمي اعلان ڪندي سندن چوڻ هو ته اوچتو علائقي ۾ بدامني ايتري وڌي وئي جو ڏينهن ڏٺي مصروف مارڪيٽن مان سرعام ڦر جون وارداتون ٿين پيون دوڪاندار غير محفوظ ۽ خوف ۾ ورتل آهن پر پوليس ڪا ڪاروائي نه پئي ڪري انهي ڪري مجبور ٿي هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏيون پيا مهرباني ڪري ڪرمنل ٽولن خلاف سخت ڪاروائي ڪري علائقي ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائينداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ڪنري ۾ بدامني
0 تبصرے