English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ دشمن منصوبن خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون
views
|
06th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
لعلورائنڪ، شھدادپور، مٽياري ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي درياھ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ٻئي ڏينھن بہ مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ قمبر-شهدادڪوٽ جي علائقي لعلورائنڪ ۾ ضلعي صدر ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ضمير مُغيري، سجاد اڪبر مُغيري، معشوق مرکنڊ، پناهه تونيو ۽ اشفاق سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شھر جي مک چوراھي تي پھچي مظاھرو ڪيو. ھوڏانھن شھدادپور ۾ ضلعي صدر زبير ماڪوڙاڻي، وڪيل صدام کوسو، ڪامريڊ نارومل، علي حسن خير شاهي، گلشير باگراڻي ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. جڏھن ته مٽياري ۾ عوامي پارڪ نصرپور چوڪ نيشنل باء پاس کان پيادل ريلي ڪڍي مٽياري پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي ضلع مٽياري صدر ماجد علي خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ رب ڏنو ملڪ، حيدرآباد ڊويزن نائب صدر نعيم جان خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري عبدالغفور کوسو، آفيس سيڪريٽري حيدرآباد ڊويزن رابطا سيڪريٽري ظفر حسين خاصخيلي، مزدور تحريڪ ضلع صدر سيد گاجن شاھ، آفيس سيڪريٽري اقبال حاجاڻو، مٽياري سٽي صدر فريد حسين ملاح، سٽي نائب صدر الطاف کوسو، جاگير ملاح، عاشق علي کوسو، سنڌياڻي تحريڪ صدر فضاء ملاح، سلما ڏاھري ۽ ٻين ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ گرين پاڪستان سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو ويو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪيا وڃن. اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪيو ويندو. 6 ڪئنال، گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌ دشمن آھن. پ پ پ حڪومت جي ايجنڊا تي صرف اقتدار ۽ ڪرپشن آھي. سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ رت آخري ڦڙي تائين وڙھندا ھي نسلن جي جنگ آھي. پ پ ٻھروپي آھي. سنڌو درياھ اسان جي زندگي آھي. پنجاب سنڌو درياھ تي قاتلاڻو حملو ڪيو آھي. 6 ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ جا ماڻھو پاڻي ڦڙي لاء سڪي ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
سنڌ دشمن منصوبن
حيدرآباد
0 تبصرے