ملير: شاهه لطيف ٿاڻي اندر نوجوان جي قتل ۾ ايس ايڇ او ۽ اهلڪار به ملوث نڪتا، ڪيس داخل، 2 جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

ملير: شاهه لطيف ٿاڻي اندر نوجوان جي قتل ۾ ايس ايڇ او ۽ اهلڪار به ملوث نڪتا، ڪيس داخل، 2 جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ لطيف ٿاڻي اندر نوجوان جي مارجڻ واري واقعي تي ايس ايس پي ملير سخت نوٽيس وٺندي واقعي جي پيرائتي جاچ ڪرائي جنهن دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن ايس ايس پي ملير موجب جاچ ۾ معلوم ٿيو ته نوجوان کي ٿاڻي آڻي سڌي ريت گولي هڻي قتل ڪيو ويو قتل ۾ ملوث جوابدار عاطف ۽ شاهزيب ايس ايڇ او صدرالدين ميراني جي خاص ٽيم (اسپيشل پارٽي) سان لاڳاپيل هئا ۽ ٻنهي جوابدارن جا پوليس اهلڪارن ايس ايڇ او صدرالدين ميراني ۽ پي سي فياض سان سڌا رابطا هئا واقعي جا ثبوت ميسارڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي، جنهن بابت داخل ڪرايل ڪيس جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واردات واري جاءِ کي پاڻي سان ڌوتو ويو ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج به ڊليٽ ڪئي وئي قتل ۽ شاهديون ميسارڻ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪرڻ تي ايس ايچ او ۽ هيڊ محرر خلاف به قانوني ڪارروائي ڪندي سندن خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي واقعي جي ايف آءِ آر نمبر 1137/2025، قلم 302، 201، 34 جي تحت داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته قتل ۾ ملوث جوابدار عاطف ۽ شاهزيب کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ايس ايچ او سميت هيڊ محرر خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف ايس ايچ او شاھ لطيف سميت ملوث جوابدارن کي ڪالھ ملير ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو عدالت کين 3ڏينهن جي پوليس ريمانڊ ۾ ڏيندي 8اگسٽ تي ٻيھر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي جڏهن ته واقعي جي جاچ SIO شاهه لطيف ٿاڻي جي حوالي ڪئي وئي آهي، جتي وڌيڪ جاچ جاري آهي.ايس ايس پي ملير جو چوڻ هو ته پوليس ۾ موجود ڪاري رڍن خلاف ڪا به نرمي نه ڪندي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي