عمرڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، پوليس پاران رستي روڪ، ڇڪتاڻ واري صورتحال

اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پوليس ناڪابندي ڪري ريلي کي روڪي ورتو

عمرڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، پوليس پاران رستي روڪ، ڇڪتاڻ واري صورتحال

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت طرفان 5 آگسٽ تي ملڪ گير احتجاج جي سڏ تي عمرڪوٽ ۾ به مظاهري جو اعلان ڪيو ويو هو، پر ضلعي انتظاميه ۽ پوليس جي بروقت حڪمت عملي ۽ سخت سيڪيورٽي بندوبستن جي نتيجي ۾ اهو احتجاج ناڪام ٿي ويو، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اقليتي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر لال چند مالهي پريس ڪلب عمرڪوٽ ڏانهن احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو هو، پر پوليس اڳواٽ ئي علائقو گهيري ۾ وٺي ورتو ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي سخت ناڪابنديون ڪيون ويون، ذريعن موجب رات دير سان پوليس عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، جن ۾ هڪ ڪارڪن عبدالڪريم منڱريو کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيا ڪارڪن فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، احتجاجي ريلي مالهي هائوس مان نڪرڻ واري هئي، پر پوليس اڳ ئي وڏي انگ ۾ موجود هئي، جنهن شاهين پيٽرول پمپ تي ريلي کي روڪي ڇڏيو، ان موقعي تي لال چند مالهي ۽ پوليس آفيسرن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جن کان پوءِ ريلي پرامن طور تي ختم ڪئي وئي، ريلي نه نڪرڻ تي پي ٽي آءِ جا ڪارڪن مايوس ٿي هليا ويا، جڏهن ته سڄي شهر ۾ امن امان قائم رهيو، پوليس حساس هنڌن تي گشت وڌائي ڇڏيو هو ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان اڳ قدم کنيو وڃي، ضلعي پوليس موجب امن امان کي برقرار رکڻ پهرين ترجيح آهي ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.