اسان جو مضبوط ارادو آهي ته تعليم کي هر ٻار جو بنيادي حق بڻايون: منظور احمد ميمڻ
ملير (ڊي ڪي شر) گڏاپ ٽائون ۾ تعليم جي بهتري لاءِ نئين سر عزم جو اظهار ڪندي، نئون مقرر ٿيل تعلقي ایجوڪیشن آفيسر (ميل/فيمل) منظور احمد ميمڻ پاران هڪ شاندار آجيان جي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ خاص طور تي ضلعي تعليم آفيسر ملير، اقبال حسين ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر تعليم ڪراچي ريجن، حافظ معين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پ ٽ الف گڏاپ ٽائون جي صدر، اعزاز جوکيو پڻ خاص مهمان طور تقريب ۾ شريڪ ٿيو، جنهن کي نئين تعلقي آفيسر پاران گرمجوشي سان ڀليڪار ڪيو ويو.منظور احمد ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته "اسان جو مضبوط ارادو آهي ته تعليم کي هر ٻار جو بنيادي حق بڻايون. اسان جا اعليٰ آفيسر، خاص طور تي ڊي اي او ملير ۽ ڊائريڪٽر تعليم، اسان جي رهنمائي جو سرچشمو آهن. سندن سهڪار سان گڏاپ ٽائون جي اسڪولن کي جديد تقاضائن مطابق بهتر بڻايو ويندو."هن اهو به واعدو ڪيو ته اسڪولن ۾ شاگردن، والدين ۽ استادن جي هر تڪليف جو ترت ازالو ڪيو ويندو.ڊي اي او ملير، اقبال حسين ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر تعليم، حافظ معين پڻ پنهنجي خطابن ۾ منظور احمد ميمڻ جي مقرري جي آجيان ڪئي.
0 تبصرے