English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد جي غريب آباد سميت مختلف پاڙن ۾ منشيات جو وڪرو جاري
46 views
|
04th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)رزاق آباد جي غريب آباد پاڙي سميت مختلف پاڙن ۾ منشيات جو وڪرو ۽ واهپو وڌي ويو، آئيس، چرس، هيروئن، گٽڪي سميت صحت لاءِ هاڃيڪار منشيات جو کلي عام وڪرو جاري، سرڪاري پرائمري اسڪول، ڪميونٽي سينٽر، ڪمپائونڊ ۾ اڏا قائم، شاھ لطيف پوليس جي نڪ هيٺان منشيات هلڻ لڳي علائقي واسين موجب، شام ٿيندي ئي منشيات فروشن ۽ واپرائندڙن جا ٽولا اسڪول ۽ صحت مرڪز جي ڪمپائونڊ ۾ اچي گڏ ٿين ٿا، جتي ٽوليون ٺاهي شهيد بختاور صحت مرڪز ۽ پرائمري اسڪول ڪمپائونڊ جي احاطي اندر نشو واپرائين ٿا ان صورتحال سبب نه رڳو تعليمي ۽ صحت مرڪز جو ماحول متاثر ٿي رهيو آهي پر نوجوان نسل تيزيءَ سان نشي جي لت ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي سماجي ۽ سياسي اڳواڻن سليمان شاهه، ولي محمد گبول، اسلم شاهه، اقبال ڪلمتي ۽ ٻين الزام هنيو آهي ته منشيات فروش ڪجهه پوليس اهلڪارن جي سرپرستي هيٺ هي ڏوهاري عمل جاري رکيو ويٺا آهن سندن چوڻ آهي ته منشيات وڪرو ڪندڙ ڪنهن به معزز شخصيت يا علائقي اڳواڻ جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ مڃڻ لاءِ تيار ناهن، ۽ جڏهن کين منع ڪئي وڃي ٿي ته بااثر منشيات فروش علائقي جي سادن ماڻهن کي ڪوڙين ايف آءِ آرن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏين سان گڏوگڏ بليڪ ميل ڪري ڀتو به وصول ڪن ٿا هنن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري نوٽيس وٺن۽ رزاق آباد جي پاڙي غريب آباد ۾ موجود آئس، چرس ۽ هيروئن جي اڏن سميت سرڪاري ڪميونٽي سينٽر ڪمپائونڊ ۾ قائم منشيات جي اڏن جو خاتمو ڪن، ۽ پوليس اندر موجود سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان نسل کي نشي جي تباهي کان بچائي سگهجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
0 تبصرے