ڏوڪري ۾ مجلس وحدت المسلمین پاران ريلي ڪڍي وئي

چنا پل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، نعريبازي

ڏوڪري ۾ مجلس وحدت المسلمین پاران ريلي ڪڍي وئي

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ مجلس وحدت مسلمین پاران چهلم امام حسين عليه السلام لاءِ روڊ رستي ويندڙ قافلن تي بندش خلاف ڏوڪري چنا پل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،بارڊرن تي پابندي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻو پوندو، اڳواڻ. تفصيل موجب گذريل ڏينھن ڏوڪري ۾ مجلس وحدت مسلمین پاران چهلم امام حسين عليه السلام لاءِ ڪربلا روڊ رستي ويندڙ قافلن کي حڪومت طرفان بارڊرن تي روڪڻ واري عمل خلاف چنا پل کان ڏوڪري پريس ڪلب تائين ضلعي صدر عمران علي چانڊيو، تعلقي صدر ڏوڪري مظهر جروار، محمد امين ٻٽ، مولوي علي رضا ٻٽ، ديدار علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف هنڌن تان ٿيندي ڏوڪري پريس ڪلب پهتي، احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هڪ طرف حڪمران امن امان جي صورتحال کي تسلي بخش قرار ڏئي رهيا آهن ته ٻئي طرف چهلم امام حسين عليه السلام لاءِ روڊ رستي ذريعي ويندڙ زائرين کي امن امان جي صورتحال خراب هئڻ جو جواز ڄاڻائي بارڊرن تي مومنن جي رستا روڪ ڪري رهيا آهن جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ مومنن کي قبول ناهي، جڏھن ته چهلم ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ تمام زائرين پنهنجا تمام سفري دستاويز مڪمل ڪري ڇڏيا آهن انهن تمام مسڪين زائرين جي دل آزاري ڪئي وئي آهي جيڪا ڪنھن به صورت ۾ قبول ناهي، هنن حڪمرانن کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن چهلم تي روڊ رستي ذريعي ويندڙ زائرين کي روڪيو ويو ته دمادم مست قلندر ٿيندو.