سجاول ۾ به پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، ڀيٽا پيش

ايس ايس پي سجاول علينا راڄپر شهداءِ يادگار تي گل چاڙهيا ويا

سجاول ۾ به پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، ڀيٽا پيش

سجاول(rپورٽر)يوم شھداء پوليس پوري ملڪ جيان ضلع سجاول جي ايس ايس پي آفيس ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. 4 آگسٽ يوم شھداء تقريب جو آغاز تلاوت قرآن مجيد سان ڪيو ويو. ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر پاران ايس ايس پي آفيس سجاول ۾ يادگار شھيدن تي گل چاڙهيا ويا ۽ شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي سجاول پوليس جي چاڪ وچوبنددستي سان گڏ سلامي ڏني ۽ خصوصي دعا گھري. اڄ جي هن تقريب ۾ سڀئي ڊي ايس پيز. ايس ايڇ اوز ۽ آفيس اسٽاف شرڪت ڪئي. ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر اڄ جو ڏينھن شهيد پوليس وارن جي ياد ۾ ملھايو پيو وڃي. جن ملڪ ۽ قوم جي لاء پنھنجون قيمتي جانين جو نظرانو پيش ڪيو. اسان کي سڀني شھيدن ٿي فخر آهي. اسين سلام پيش ڪريون ٿا انھن مائرن کي جن جي جگر جي ٽڪرن پنھنجي جان جو نظرانو پيش ڪري سنڌ پوليس جو سر بلند ڪيو. دعا آهي ته الله سائين سڀني شھيدن جي مغفرت فرمائي ۽ انھن جا درجات بلند فرمائي ۽ اسان کي پنھجا فرائض منصبي آسان طريقي سان انجام ڏيڻ جي توفيق عطا فرمائي. ملڪ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاء اسان کي هميشه شھيدن جي نقش قدم تي گامزن رهنداسين