اهو فيصلو پاڻي کوٽ ۽ صفائي جي خراب صورتحال جي ڪري ڪيو ويو آهي: نوٽيفڪيشن جو متن
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان اسٽيل ملز جي انتظام هيٺ هلندڙ سڀئي اسڪول ۽ ڪاليج 4 آگسٽ کان 8 آگسٽ 2025 تائين عارضي طور بند رهندا. اهو فيصلو پاڻي جي شديد کوٽ ۽ صفائي جي خراب صورتحال سبب شاگردن ۽ عملي جي صحت جي حفاظت جي لحاظ سان ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، اسٽيل ٽائون ۽ گلشنِ حديد جي علائقن ۾ پاڻي جو بحران وڌي ويو آهي، جنهن سبب تعليمي ادارن ۾ بنيادي صفائي جا انتظام ممڪن نه رهيا آهن. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، پاڪستان اسٽيل مل جي تعليم کاتي احتياطي قدم طور ادارا عارضي طور بند رکڻ جو اعلان ڪيوآهي.نوٽيفڪيشن ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته آزادي ڏهاڙي (14 آگسٽ) جي تقريبن جي تيارين لاءِ ضروري اسٽاف ۽ چونڊيل شاگردن کي طلب ڪري سگھجي ٿو. ان کان علاوه تدريسي ۽ غير تدريسي عملو اسٽيشن نه ڇڏيندو، جڏهن ته موڪل تي موجود عملي کي مقرر تاريخ تي ڊيوٽي تي واپس اچڻو پوندو.اھو فيصلو ADCE انچارج (A&P Dte.) جي منظوري سان جاري ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے