English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ 14آگسٽ جي حوالي سان تقريب منعقد، پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايو ويو
146 views
|
01st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعو شڪارپور مرڪز حق آزادي جو ڏهاڙو بيمثال پيماني تي ملهائي رهيو آهي: ڊي سي شڪيل احمد ابڙو
شڪارپور ( احسان ابڙو ) ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر پاڪستاني پرچم لهرايو ضلعي شڪارپور ۾ جشن آزادي جي مرڪز حق جي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۽ ليڊيز ڪلب شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻين آفيسرن ٻوٽا پوکي شجرڪاري مهم جو آغاز ڪيو ويو تفصيل موجب اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پاڪستاني پرچم لهرايو. ضلعي شڪارپور ۾ جشن آزادي جي مرڪز حق جي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۽ ليڊيز ڪلب شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسي، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ضلعي جي ٻين آفيسرن ليمي جا وڻ، ٽرميليا، توت، سُک چين، پلڪن، نم ۽ ٻين وڻن جي پوکائي ڪري مھم جو آغاز ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته شڪارپور شهر ۾ سرڪاري آفيسن جي دائري اختيار ۾ شهري ٻيلن جي مدد ۽ واڌ لاءِ اهم روڊن جي ڪنارن تي وڻ پوکن ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ وڻ پوکڻ جو مقصد ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ معيار کي بهتر بڻائڻ آهي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته ضلعو شڪارپور مرڪز حق آزادي جو ڏهاڙو بيمثال پيماني تي ملهائي رهيو آهي، جنهن ۾ سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي شموليت ذريعي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويندو. هن چيو ته هر سرڪاري عمارتن ۽ گھرن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو، سرڪاري گاڏيون 1 آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين قومي جهنڊو لڳائينديون. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسي چيو ته ضلعي شڪارپور جي شهر کي قومي جهنڊن، روشنين ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويندو. هن ضلعي جي سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي شموليت کي وڌائڻ لاءِ رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي مساج کي يقيني بڻائڻ، نوجوانن ۽ ٻارن جي تعاون کي يقيني بڻائڻ لاءِ پهرين آگسٽ کان 14 آگسٽ 2025 تائين ڏنل سرگرميون اسڪولن ۽ ٻين ڊپارٽمينٽن ۾ ملهائيون وينديون. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر عبدالرشيد سيٺار چيو ته ضلعي اندر ماحول کي بھتر بڻائڻ لاء 5 ھزار وڻ سرڪاري آفيسن 5 ھزار شھرن جي روڊن چونڪن ۽ سرڪاري آفيسن جي ٻاھران لڳايا وينداـ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سميت ضلعي جي سڀني آفيسرن ليڊيز ڪلب اچي شجرڪاري مهم جو پڻ آغاز ڪيو ۽ ليڊيز ڪلب جو پڻ دورو ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ضلعو شڪارپور مرڪز
ڊي سي شڪيل احمد ابڙو
0 تبصرے