English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان اسٽيل مل مان جبري طوربرطرف ڪيل ملازمن جو اسٽيل ٽائون جي گيسٽ هائوس آڏو ڌرڻو
views
|
31st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملازمن گيسٽ هائوس جي گيٽ کي تالا لڳائي روڊ بند ڪري ڇڏيو، سيڪيورٽي عملي ۽ اهلڪارن سان چڪريون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان اسٽيل مل مان جبري طوربرطرف ڪيل ملازمن پنهنجن مطالبن جي حمايت ۾ اسٽيل ٽائون جي گيسٽ هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻي گيٽ کي تالا لڳائي روڊ بند ڪري ڇڏيو۔ اطلاع تي اسٽيل مل جي سيڪيورٽي عملي سان گڏ پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، جنهن بعد مظاهرو ڪندڙن ۽ اهلڪارن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي جڏھن ته احتجاج ان وقت شدت اختيار ڪري ويو جڏهن مظاهرو ڪندڙن الزام لڳايو ته نه رڳو نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي پر هاڻ انهن تي بجلي جي بلن ۾ واڌ سرڪاري گهرن مان جبري بي دخلي گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي جي کوٽ جهڙن مسئلن ذريعي وڌيڪ دٻاءُ وڌو پيو وڃي۔پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۽ گيٽ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ملازمن مزاحمت ڪئي، نتيجي طور ڪجهه وقت لاءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي۔ ان موقعي تي ڪجهه مظاهرين کي گرفتار ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي جنهن بعد ماحول وڌيڪ ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو احتجاجي اڳواڻن جو بيان احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ مزدور اڳواڻن ڌڻي بخش سمون، اڪبر ناريجو ۽ اڪبر ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو اسان سان ظلم جي انتها ڪئي پئي وڃي۔ نه صرف نوڪريون ختم ڪيون ويون، پر هاڻ اسان کي گهرن مان به ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن۔ اسان پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون، ان جي جواب ۾ اسان تي تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ گرفتارين جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن۔احتجاج صبح کان شام تائين جاري رهيو جتي پوليس جي وڏي نفري موجود رهي ۽ مظاهرين کي گهيري ۾ رکيو ويو، جنهن سبب سڄو ڏينهن ڇڪتاڻ رهي انتظاميه جي طرفان ڪنهن وڏي ٽڪراءَ کان بچڻ لاءِ ڳالهين جي ڪوشش به جاري رهي۔ جبري برطرف ملازمن کي بحال ڪيو وڃي۔سرڪاري گهرن مان زبردستي بي دخلي بند ڪئي وڃي وڌايل بجلي جا بل واپس ورتا وڃن گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي فوري بحال ڪئي وڃي پرامن احتجاج جي آئيني حق کي تسليم ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
0 تبصرے