سجاول پوليس پاران ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سجاول پوليس پاران ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سجاول.(رپورٽر.)پوليس مقابلي دوران چورين ۽ ڦرن جي ڪيسن ۾ ملوث ڏوهاري اسلحہ سميت زخمي حالت ۾ گرفتار. سجاول ٿاڻي جي حد ويجھو بگوشير درگاھ ٻيلو روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ پنھنجي ساٿي جي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. سجاول پوليس مطابق گرفتار زخمي ڏوهاري جي سڃاڻپ عبدالرسول ولد شیر دل جتوئي اصل رھائشي ڊکڻ تعلقو ڳڙهي ياسين ضلع شڪارپور حال ويٺل منزل پمپ قائدآباد ملير ڪراچي طور ٿي آهي. شروع جانچ مطابق زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري ملير ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڇھن کان وڌيڪ ڪيسن ۾ چالان ٿيل آهي ۽ سجاول بٺورو. دڙو وغيره جي مختلف علائقن ۾ چورين . موٽرسائيڪلون ڦرڻ جھڙن ڏوهن ۾ ملوث آھي .گرفتار زخمي جي قبضي مان مڪلي ٿاڻي ضلع ٺٽي جي حد مان ڦريل هڪ عدد ڳاڙھي جي cd/70 موٽرسائيڪل ۽ ڏوھ ۾ استعمال ٿيل هڪ پسٽل هٿ ڪري ورتي آهي. زخمي ڏوهاري جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏھن ته فرار ٿيڻ وارن ساٿي ڏوهارين جي سڃاڻپ روشن ملاح ۽ دودو اوٺو جي نالي سان ٿي آهي جن جي گرفتاري لاء پوليس جا ڇاپا جاري آهن. گرفتار زخمي ڏوهاري کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. گرفتار زخمي ڏوهاري عبدالرسول ولد شیر دل جتوئي جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي