English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو پاران کلي ڪچھري منعقد
125 views
|
31st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جيڪو بہ متاثر شخص آھي اھو پنھنجي شڪايت نوٽ ڪرائي ان جو تدارڪ ٿيندو: ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ذوالفقار علي جوڻيجو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صوبائي محتسب اعلي سنڌ محمد سھيل راجپوت جي ھدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو پاران ضلعي ڪائونسل ھال عمرڪوٽ ۾ ھڪ کلي ڪچھري منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي کلي ڪچھري ۾ ضلعي ڪائونسل چئرمين عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، رجسٽرار صوبائي محتسب ميرپورخاص سجاد سمورو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، سي ايم او ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ امتياز هاليپوٽو، ايڪسي اين ايجوڪيشن ورڪس وشال مھيشوري، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، مختلف سرڪاري کاتن زراعت، اڪائونٽ، ميونسپل، تعليم ، لائيو اسٽاڪ، ٻيلو کاتو، سوشل ويلفيئر، لوڪل گورنمينٽ سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي صحافين پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي عوام پاران کلي ڪچھري ۾ پنھنجا مسئلا توڙي شڪايتون پيش ڪيون ويون، جنھن ۾ روڊس کاتي، ميونسپل، پبلڪ ھيلٿ توڙي ٻين کاتن جي خلاف شڪايتون ٻڌايون ويون جنھن دوران موقعي تي ئي ان شڪايتن جو تدارڪ ڪرڻ جي لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعلي ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو پاران لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪيون ويون، ان موقعي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعلي ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو کلي ڪچھري کي خطاب ڪندي چيو تہ جيڪو بہ متاثر شخص آھي اھو پنھنجي شڪايت نوٽ ڪرائي ان جو تدارڪ ٿيندو، اسان چاھيون ٿا تہ ماڻھن جا جائز مسئلا موقعي تي ئي حل ڪريون تنھنڪري اسين ھر ضلعي ۾ کليون ڪچهريون ڪري رھيا آھيون، ان موقعي تي ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت جي کاتن جي خلاف ڪا بہ شڪايت ھجي تہ اوھان لکت ۾ اماڻي سگھو ٿا، ان موقعي تي عوام پاران لڳ ڀڳ 7 شڪايتون نوٽ ڪرايون ويون، جڏھن تہ کلي ڪچھري جي آخر ۾ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعلي ميرپورخاص پاران سب جيل عمرڪوٽ ۽ روينيو جي عوامي سھولت گھر جو پڻ دؤر ڪيو ويو، ان موقعي تي ھن سب جيل عمرڪوٽ ۾ قيدين کان مسئلن بابت معلومات ورتي، جنھن ۾ پيئڻ جو پاڻي، کاڌ خوراڪ توڙي صفائي سٿرائي بابت پڻ پڇاڻو ڪيو، ان موقعي تي مختيارڪار عمرڪوٽ و سب جيل سپرينٽينڊنٽ اظھر چاچڙ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ اسان وٽ ھن وقت ڪل 43 قيدي آھن ۽ انتظام جي حوالي سان ڪا بہ شڪايت ناھي، ان موقعي تي ھن روينيو کاتي جي عوامي سھولت گھر ۾ عوام سان روينيو رڪارڊ جي وصولي بابت پڻ معلومات ورتي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ميرپورخاص
ذوالفقار علي جوڻيجو
0 تبصرے