English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس پي ايس سي کي ڪرپشن جي منڊي بڻائي نوجوانن کان اميد کسي وئي : اياز لطيف پليجو
views
|
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ميرٽ جو قتل ڪري نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. نوجوانن جو استحصال سنڌ جو استحصال آھي
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جي منڊي بنائي نوجوانن کان اميد کسي وئي آھي.ميرٽ جو قتل ڪري نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. نوجوانن جو استحصال سنڌ جو استحصال آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ 18 سالن کان بيڊ گورننس جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ ڏوھاري ڪنھن بہ وقت ڪنھن کي بہ نشانو بنائي سگھن ٿا. پوليس سميت ھر کاتي کي ڦرلٽ جو ذريعو بنايو ويو آھي. آفيسرن کي قانون ۽ آئين موجب ڪم ڪرڻ ڏيڻ بدران ذاتي نوڪر ڪري ھلايو پيو وڃي. ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. ريساڻو، وڏيرڪو ۽ سرداري راڄ آھي. پوليس ۽ ٻين کاتن جا عملدار ڪمدار بڻيل آھن. پوليس جون مقرريون سياسي بنيادن تي ڪيون وينديون آھن، جنھنڪري سنڌ ۾ بدامني جو راڄ آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ ڪرپٽ حڪمرانن کي صرف پئسو گھرجي. آھي عوام جي تڪليفن کان لاتعلق آھن.حڪمرانن جون معاشي پاليسيون غريب عوام کي مھانگائي ۽ ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙي رھيون آھن ملڪ ۾ ڦرلٽ جو نظام ھلي رھيو آھي۔ سرمائيدار، امير ۽ حڪمران طبقو سمورن وسيلن تي قابض آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي ترقي، غربت، ڪرپشن جي خاتمي ۽ شفافيت سان ملڪ اڳتي وڌندو. آئي ايم ايف جي ھدايت جوڙيل معاشي پاليسيون عوام دشمن آھن. عالمي مالياتي ادارن جا مفاد اسان جي معيشت جي چيلھ ڀڃي رھيا آھن. اسان کي پنھنجي آزاد خودمختيار پاليسيون جوڙي اڳتي وڌڻو پوندو. ٻاھرين ڊڪٽيشن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ سان اسين ٻين ملڪن کان پوئتي آھيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڏوڪري ۾ ملير جي سينيئر صحافي جي زمين تي مبينا قبضو، 2 ڀائر ۽ هڪ سئوٽ گرفتار
29th Jul 2025
•
تازہ ترین
ہمارے خاندان کے ساتھ بہت بڑا ظلم ہوا ہے، اسٹیبلشمنٹ سے کسی ڈیل کے تحت سامنے نہیں آیا ہوں: جونیئر ذوالفقار
29th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ھالاڻي پير بنا اڌوري آ ..!
29th Jul 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب میں موٹر رجسٹریشن کیمپ میں صحافیوں کی غیر معمولی دلچسپی
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ايس پي ايس سي کي ڪرپشن جي منڊي بڻائي نوجوانن کان اميد کسي وئي : اياز لطيف پليجو
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ 5 منشيات فروش گرفتار، آئيس، چرس ۽ سفينا هٿ
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور پوليس هٿان 3 ڏوهاري مارجي ويا، 3 زخمي، هڪ اهلڪار اغوا بعد بازياب
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ ڀنڀو ڳوٺ ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، زال مڙس معصوم پٽ سميت قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے