سنڌ جي تاريخي شھر ھالاڻي ۾ لڪياري خاندان جي بي بھا موتي جيد عالم اخلاق ۽ اخلاص جي مالڪ فقير طبيعت حاتم صفت ، منصف مزاج رحمدل حاڪم ، خوش پوشاڪ ، خوش گفتار ، حسين جميل پير سيد شھاب الدين شاھ رحمت الله عليه ، مسلمانن جي الڳ وطن ۽ الڳ علمي درسگاھون لاء جدوجھد ڪندڙ انگريزن سمراج جي ھٿان شھيد ٿيندڙ پير سيد فتع علي شاھ رح جن جي حويلي ۾ 1868ع ۾ اک کولي 23 رمضان 1926ع ۾ ھالاڻي ۾ وفات ڪئي ، پير سيد شھاب الدين شاھ ننڊي کنڊ جي مفتي اعظم حضرت پير سيد محمد عاقل شاھ رح جا پوٽا ۽ شھيد پير سيد فتع علي شاھ رح جا ٻيو نمبر فرزند ھئا ۽ منھنجا ڏاڏا سائين ھئا ، پير صاحب ننڊپڻ کان ئي تمام ھوشيار ۽ ڏاھا انسان ھئا ساھتي پرڳڻي جو سڀ کان وڏو مدرسو سندس ڏاڏي سيد محمد عاقل شاھ رح جو قائم ڪيل مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي انھي زماني ۾ فارسي زبان سنڌ ۾ لازم ھئي انھي ڪري ڏاڏا پير سيد شھاب الدين شاھ صاحب فارسي جا وڏا ڄانو ۽ ماھر بڻيا ، پير صاحب پنھنجي دور جا وڏا عالم ۽ پرھيزگار انسان ٿي گذريا آھن پير صاحب ابتدائي تعليم ديني ۽ فارسي قاضي عارف وٽان حاصل ڪئي ان کانپوء حضرت مولانا غلام صديق شھداد ڪوٽي جي مدرسي مان حاصل ڪئي پير صاحب پڙھائي دوران ئي وڏا ڪاتب پڻ ھئا ڏاڏا سائين ڪيترائي قراني شريف سون جي پاڻي سان لکيا ھئا جيڪي اڄ به ملڪ جي مختلف ميوزمن ۾ پيل آھن سندن اکر موتي داڻن جھڙا ھوندا ھئا ڏاڏا سائين سيد فتع علي شاھ رح جي شھادت کان پوء خيرپور رياست جي درٻار ۾ ڏاڏا سائين پير سيد شھاب الدين شاھ کي ڪرسي ڏني وڃي پير صاحب ڏاھا ۽ ھوشيار ھجڻ ڪري خيرپور رياست ۾ تعلقي ٺري ميرواه ۾ مختيارڪار مقرر ڪيا ويا ھئا جنھن کانپوء ڏاڏا پير سائين کي 1918ع ۾ خيرپور رياست ۾ تاحيات وزير مقرر ٿيا ھئا، پيرصاحب جن جي ايمانداري ۽ عوامي فلاحي ڪوششن جي ڪري ٺري ميرواه گمبٽ تعلقن ۾ مٺو جري پاڻي ڪڍرايو ، پير صاحب جيد عالم ھجڻ ڪري ھزھائنس مير علي نواز ٽالپر جي شھزادن جا استاد به رھيا انھن کي علم جي زيور سان نوازيو پيرصاحب کي ديني علم سان لڳاء ھجڻ ڪري پير صاحب کھڙا شريف ۾ مخدومن وٽ به علمي فيض حاصل ڪندا ھئا ، انگريزن پاران خيرپور رياست ۾ پنھنجي مرضي ھلائڻ لاء ميرن جا اڪثر وزير خريد ڪرڻ شروع ڪيا ته اھڙيون شڪايتون ميرن کي ملڻ شروع ٿي ويون پير صاحب سنڌ سان وفاداري ڪئي انگريزن سامراج خلاف ھميشه آواز بلند ڪيو سيد پير شھاب الدين شاھ رح پنھنجي پيء جي نقشي قدم تي ھلندي رياست اندر اسڪول ٺاھرائڻ شروع ڪيا ، ڪيترن ئي ماڻھن کي روزگار سان لڳايو ھو پاڪستان عوامي ليگ جي وائيس چيئرمين رھندڙ قاضي فيض محمد کي سڌي رستي آڻي سندس کي تعليمي زيور سان نوازيو قاضي فيض محمد صاحب پنھنجي ڪتاب سفر نامو ۾ لکيو آھي ته پير سيد شھاب الدين شاھ لڪياري ھالاڻي ۾ نه ھجي ھان مون سميت سوين نوجوان غلط صحبت ۾ اچي وڃن ھان قاضي صاحب پنھنجي بچپن ۾ اڪثر ڪري ناچ گانين جي محفلن ۾ ويندو ھو جنھن تان قاضي صاحب جي والده منھنجي ڏاڏي بي بي زين ماء کي شڪايت ڪئي ھئي ته منھنجو پٽ ننڊڙو آ تازو يتيم ٿيل آ ھن کي ڪنھن اسڪول ۾ موڪليو جنھن کان پوء ڏاڏا سائين پير سيد شھاب الدين شاھ رح قاضي فيض محمد کي شروعات ۾ ٺيري ميرواه ۽ ان کانپوء خيرپور شھر واري اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني ھئي قاضي صاحب پنھنجي سفر نامي ۾ لکيو آھي ھالاڻي پير بنا اڌوري آ ، پير سيد شھاب الدين شاھ رح پھريون شخص ھو جنھن انگريزن کي للڪاريو ته توھان حرن سان زيادتي ڪري رھيا آھيو حر سميت ھر سنڌي سنڌ جي آزادي ٿو چاھي ڪيترن ئي حرن کي پناھ ڏني ، سورھيا باد شاھ جي ھلايل تحريڪ ۾ پير صاحب ھر قسم جي مدد ڪئي پير پاڳارو سورھيا باد شاھ پير سيد شھاب الدين شاھ لڪياري جو پيارو ھم راز ھم خيال دوست ھيو لڪياري ۽ راشدي خاندان ھڪ ئي خاندان آھن راشدي خاندان جو باني پير سائين راشد محمد شاھ رح درگاه ھالاڻي ۾ ننڊي کنڊ جي جيد عالم مفتي اعظم ولي الله حضرت سيد محمد عاقل شاھ وٽان علمي فيض حاصل ڪيو ۽ سائين جن جي حويلي ۾ رھائش اختيار ڪئي ھئي سورھيه باد شاھ ھميشه پير سيد شھاب الدين شاھ رح سان ادب سان پيش ايندا ھئا پير سيد شھاب الدين شاھ جي حياتي ۾ سورھيه باد شاھ کي انگريز حڪمران گرفتار نه ڪري سگھيا ھئا پير سيد شھاب الدين شاھ جو خاندان ھميشه انگريزن سان وڙھيو پير صاحب ٻه شاديون ڪيو جنھن مان ٽي پٽ سيد غلام علي شاھ رح ، سيد زين العابدين شاھ ، سيد غلام مصطفئ شاھ ۽ ٻه نياڻين جو اولاد ٿيو پير صاحب جي آخري آرام گاھ پنھنجي والد پير سيد فتع علي شاھ جو ٺھرايل مقبرو ۾ اندر پي سان گڏ دفن ٿيل آھن
0 تبصرے