English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ 5 منشيات فروش گرفتار، آئيس، چرس ۽ سفينا هٿ
views
|
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ سي آءِ اي پوليس، سٽي پوليس ۽ ڍورونارو پوليس جي گڏيل ٽن ڌار ڌار ڪارواين دوران منشيات وڪرو ڪندڙ پنج منشيات فروش گرفتار، جڏهن ته هڪ جوابدار فرار ٿي ويو، گرفتار جوابدارن وٽان لکين روپين جي ماليت جي نشي آور شين آئيس، چرس ۽ سفينا هٿ ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڊي ايس پي سٽي تصور جٽ، سي آءِ اي انچارج خليل ڪنڀر ۽ ايس ايڇ او سٽي سيد الطاف شاهه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ٽيمن ڪاروايون ڪيون، جن ۾ دانش قائمخاني، بلال خاصخيلي، ايوب خاصخيلي، علي مرتضيٰ حجام ۽ نريش ڀيل کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار قربان کوسو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان مجموعي طور تي 80 گرام آئيس، هڪ ڪلو چرس ۽ 50 پيڪٽ سفينا هٿ ڪيا ويا، جن جي ماليت لڳ ڀڳ 2 لک رپيا آهي، گرفتار جوابدار ماضي ۾ به منشيات جي ڪيسن ۾ چالان ٿي چڪا آهن ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ نشي جي غيرقانوني وڪري ۾ ملوث رهيا آهن ذريعن موجب پوليس وڌيڪ جاچ جاري رکندي، فرار ٿيل جوابدار قربان کوسو جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، پوليس شهري عوام کان اپيل ڪئي آهي ته آئيس، چرس ۽ ٻين خطرناڪ نشن جي وڪري ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري پوليس سان سهڪار ڪن، ته جيئن معاشري کي هن ناسور کان پاڪ ڪري سگھجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے