English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ جشن آزادي جو ڏھاڙو ملهائڻ بابت اجلاس
views
|
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ جشن آزادي جو ڏھاڙو ۽ معرڪہ حق جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت دربار هال مڪلي ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته زنده قومون ڪڏهن به پنهنجن هيروز کي نه وسارينديون آهن ۽ پنهنجا قومي ڏينهن باوقار انداز ۾ ملهائينديون آهن، اهو ئي سبب آهي ته معرڪہ حق جي فتح کان پوءِ پوري ضلعي ۾ پھرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين روزانو آزادي جي موضوع تي مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پھرين آگسٽ کان شهر جي سڀني سرڪاري ۽ خانگي عمارتن ۽ مختلف چوراهن ۽ اهم هنڌن کي قومي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويندو ۽ مختلف اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ قومي گيت، تقريري مقابلا، ٽيبلوز ۽ مختلف رانديون منعقد ڪيون وينديون. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته اسان جي وڏڙن پنهنجي عظيم قربانين ۽ جدوجهد ذريعي پيارو وطن پاڪستان حاصل ڪيو، جنهن جي بدولت اڄ اسان پنهنجي مرضي ۽ آزادي سان زندگي گذاري رهيا آهيون. هن چيو ته 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏينهن ضلعي انتظاميه پاران پوليس لائن گرائونڊ مڪلي ۾ مرڪزي تقريب منعقد ڪئي ويندي. هُن سمورن کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ھو پنهنجي آفيسن ۾ آزادي جي ڏينهن جون تقريبون منعقد ڪن ۽ سڀني سرڪاري ۽ خانگي آفيسن کي جشن آزادي جي جهنڊن سان سينگاريو ۽ روشن ڪيو وڃي. هن لوڪل گورنمنيٽ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته شهرن ۾ صفائي سٿرائي ۽ روشني کي يقيني بڻايو وڃي. هن سوشل ويلفيئر کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته مختلف سماجي تنظيمن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن سان گڏجي پروگرام منعقد ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته جشن آزادي جي پروگرامن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم کان علاوه صحت، تعليم، پوليس، رينجرز، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
0 تبصرے