آپريشن دوران ڪهاڙين ۽ ڏنڊن سان ريلوي ملازمن تي حملو، بصر کوسو، عرض، رمضان ۽ ايوب زخمي ٿي پيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ لطيف ٿاڻي جي حد ۾ پاڪستان ريلوي جي ملڪيت تي قبضي خلاف ڪيل انڪروچمنٽ آپريشن دوران قبضا مافيا جي مزاحمت سامهون اچي وئي، جتي هٿيارن، ڪهاڙين ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري ريلوي جي سيول ڊپارٽمينٽ جي عملي کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو.حملي دوران ريلوي جي پي ڊبليو آءِ سان واسطو رکندڙ 4 گينگ مين بصر کوسو، عرص، رمضان ۽ ايوب ميٽ سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي ايمرجنسي بنيادن تي پاڪ بزنس ٽرين جي ذريعي بيهاري ريلوي حسن اسپتال ريفر ڪيو ويو، جتي انهن جو علاج جاري آهي.واقعو ايترو اوچتو ۽ شديد هو جو انڪروچمنٽ خلاف جاري آپريشن کي عارضي طور روڪڻو پئجي ويو اکين ڏٺن شاهدن موجب، قبضا مافيا جي ماڻهن هٿ ۾ ڪهاڙيون، لٺيون ۽ لوهي راڊون کڻي آپريشن ڪندڙ ٽيم تي حملو ڪيو، جڏهن ته پوليس جي موجودگي باوجود مزاحمت روڪڻ ۾ ناڪام رهي.ريلوي انتظاميا واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري زمين تان قبضا ڇڏائڻ جو عمل جاري رهندو ۽ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پوليس طرفان واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا ويا آهن.ياد رهي ته ڪراچي ۾ ريلوي جي زمين تي قبضا ڪيترن ئي سالن کان هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي، جنهن خلاف ريلوي انتظاميا وقت بوقت آپريشنون هلائيندي رهي آهي، پر اڪثر مزاحمت ۽ سياسي دٻاءُ سبب اھي ناڪام ٿينديون رهيون آهن.
0 تبصرے