امن امان بنيادي حق آهي ،جي يو آئي جا ڪارڪن امن لاءِ سرن سان ڪفن ٻڌي ميدان تي نڪري ايندا: مولانا عبدالباري شيخ

شڪارپور ۾ جي يو آئي جو ورڪرز ڪنوينشن منعقد، عالمن، درگاهه جي گادي نشينن جي شرڪت

امن امان بنيادي حق آهي ،جي يو آئي جا ڪارڪن امن لاءِ سرن سان ڪفن ٻڌي ميدان تي نڪري ايندا: مولانا عبدالباري شيخ

شڪارپور (احسان ابڙو)جي يو آئي شڪارپور امن امان لاءِ سراپا احتجاج ،جي يو آئي جو ورڪرز ڪنوينشن ،تعلقي شڪارپور جي سوين عالمن ،حافظن ۽ درگاھن جي گادي نشينن جي شرڪت ،جي يو آئي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سکر ريجن جي سردارن ،نوابن ۽ قبيلن جي چڱن مڙسن جو ڪٽ 7آگسٽ تي سکر ۾ طلب ڪري ورتو ،جنھن ۾ لائحه عمل جوڙيو ويندو..امن امان اسان جو بنيادي حق آهي ،جي يو آئي جا ڪارڪن امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سرن سان ڪفن ٻڌي ميدان تي نڪري ايندا.مولانا عبدالباري شيخ تفصيل موجب : شڪارپور ضلعي اندر بدامني خلاف جي يو آئي تعلقو شڪارپور ميدان تي نڪري آيو آهي جي يو آئي تعلقي شڪارپور جو امير مولانا عبدالباري شيخ پنھنجي صدارت ۾ تعلقي شڪارپور جي عالمن ،حافظن ۽ درگاھن جي گادي نشينن جو وڏو ڪٺ ڳوٺ محمد حيات جوڻيجو ۾ طلب ڪري ورتو جنھن ۾ درگاھ ھاليجي شريف مان مفتي طاھر ھاليجوي حضرت سائین مفتی محمد طاہر ھالیجوي ،درگاھ سومراڻي شريف جي سجاده نشين مولانا عبدالله مھر ،مولانا محمد طيب ميکو ،مولانا شاھنواز بکراڻي ،مولانا سراج احمد ڪاڪيپوٽو ،مولانا منير احمد سيٺار ۽ ٻين عالمن چونڊيل نمائندن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.ان موقعي تي عوامي آواز ميڊيا گروپ سان ڳالهائيندي يوسي ھمايون جي چونڊيل نمائندي مولانا شاھنواز بکراڻي چيوته وطن جي حب ايمان جو حصو آهي سنڌ ڌرتيءَ کي سڪائڻ لاءِ 6 ڪينال ٺاهڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ ۽ سنڌين کي قبيلائي تڪرارن جي ور چاڙهي امن امان جي صورتحال خراب ڪئي آهي ،جي يو آئي ضلعو شڪارپور امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اول روز کان سراپا احتجاج آھي ،جي يو آئي ضلعي شڪارپور اندر مولانا عبدالله مھر ۽ مولانا محمد طيب ميکو جي قيادت ضلعي جي سردارن ۽ ايس ايس پي شڪارپور شاھ زيب چاچڙ سان باربار ملاقاتون ڪري امن امان لاءِ پنھنجو مؤقف پيش ڪيو ،جنھن لاءِ جي يو آئي شڪارپور ھنگامي اجلاس مولانا عبدالله مھر جي صدارت ھيٺ 3 آگسٽ تي جنو شريف ۾ طلب ڪري ورتو آهي جنھن ۾ مولانا ناصر خالد محمود سومرو خصوصي شرڪت ڪندا ان کانسواءِ 7 آگسٽ تي سکر ۾ سردارن عالمن ۽ درگاهه جو ڪٺ جي يو آئي سنڌ جي امير مولانا عبدالقيوم ھاليجوي ۽ علامه راشد محمود سومرو جي صدارت ھيٺ طلب ڪيو ويو آهي ،مولانا عبدالله مھر چيوته شڪارپور وانا وزيرستان بڻجي ويو آهي اسين وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوجي آپريشن ڪري امن امان قائم ڪيو وڃي نہ تہ ٻئي صورت ۾جي يو آئي روڊن تي نڪري ايندي جڏھن تہ جي يو آئي تعلقي شڪارپور جو امير مولانا عبدالباري شيخ پاران ڪارڪنن کي خطاب ڪيو ويو