English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
موجوده حڪومت معيشت کي مضبوط ڪيو آهي: فيروز خان
186 views
|
28th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
وفاقي سرڪار جي پاليسين سبب ملڪ اڳتي وڌيو آهي: شير اعواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان مسلم ليگ ن ضلعي ملير جي صدر محمد فيروز خان چيو آهي ته ن ليگ جمهوريت جي سياست ڪئي آهي موجوده حڪومت ۾ معيشت کي پڻ مضبوط ڪيو ويو آهي جنهن ڪارڻ مهانگائي تي ضابطو آيو آهي، ملير جي پي ايس 85 جي اميدوار پير حفيظ الله جان سرهندي طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي محمد فيروز خان چيو ته ن ليگ ملڪ کي ڏيوالي کان بچائي ورتو آهي جڏهن ته امن امان بابت اندروني توڙي بيروني خطرن باوجود ملڪ معاشي طور تي اڳتي وڌيو آهي جيڪو هڪ معجزو ئي چئبو، هن چيو ته ن ليگ هميشه پنهنجي هيٺين ورڪرن کي به ڏکي وقت ۾ ياد ڪيو آهي ۽ تڪليفن ۾ ساٿ ڏنو آهي، تقريب خطاب ڪندي ن ليگ ملير ضلعي جي جنرل سيڪريٽري شير محمد اعواڻ خطاب ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار جي پاليسين سبب ملڪ اڳتي وڌيو آهي، ڪراچي کي ڪي فور رٿا ۾ به ن ليگ فنڊ فراهم ڪندي ۽ ٻين ترقياتي منصبوبن بابت به سرڪار اهم اعلان ڪري چڪي آهي ڇو ته ڪراچي پوري ملڪ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، ان موقعي تي مسلم ليگ ن ڪراچي ڊويزن جي فنانس سيڪريٽري سهيل خان چيو آهي ته انشاءُ الله تعاليٰ اسان جي پارٽي ورڪرن جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي ۽ سندن ڏکي وقت ۾ ساٿ پڻ ڏيندي رهندي، تقريب دوران پير حفيظ الله جان سرهندي سمورن آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ کين سنڌ جي سوکڙي اجرڪ اوڍايا ۽ هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي هيءَ گڏجاڻي ضلعي جي ڪارڪنن ،ووٽرن ۽ ٻين عام شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي ۽ علائقي جا مسئلا مرڪز تائين پهچائي اهي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ان موقعي تي ضلعي ملير جي نائب صدر مشتاق ٻرڙو، يوسي چوڪنڊيءَ جو جنرل سيڪريٽري اسامه راجپوت، سينيئر صحافي سرفراز عباسي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
پاڪستان مسلم ليگ ن
0 تبصرے