نوشهروفيروز پبلڪ پارڪ ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون: سهيل اختر عباسي

نوشهروفيروز پبلڪ پارڪ ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون: سهيل اختر عباسي

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ قائم پبلڪ پارڪ ۾ سهولتن جي کوٽ کي هر ممڪن ڪوشش ڪري پورو ڪنداسين ته جيئن شهر واسي لطف اندوز ٿي سگهن پ پ ضلعي صدر ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين سھيل اختر عباسي اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته پبلڪ پارڪ ۾ بجلي نه هجڻ ڪري ايندڙ شهرين کي تڪليف ٿيندي هئي جنهن کي نظر ۾ رکندي پبلڪ پارڪ جي لاءِ پنهنجو الڳ سان ٽرانسفارمر منظور ڪرايو آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن اندر سيپڪو عملدار لڳائي ڏيندا اسان جي پوري ڪوشش آهي ته پبلڪ پارڪ کي خوبصورت کان خوبصورت بڻائي شهرين کي فائدو ڏياريون هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي اسان جو عزم آهي ته ضلعي نوشهروفيروز ۾ غريب بي سهارا ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري پنهنجي قيادت جي ڏسيل واٽ تي هلئون