ڏوڪري ۽ ڀرپاسي برساتن بعد مڇرن جو آزار وڌي ويو، ڳوٺاڻا پريشان

ڏوڪري ۽ ڀرپاسي برساتن بعد مڇرن جو آزار وڌي ويو، ڳوٺاڻا پريشان

ڏوڪري (رپورٽر) برساتن بعد مڇرن جو آزار وڌي ويو، ڳوٺاڻا رات جو جاڳي گذارڻ تي مجبور،علائقي ۾ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي، سرڪاري اسپتالون عوام کي مڇرن کان بچڻ لاءِ ٽيسٽون ڪرڻ کان قاصر، مجبوريءَ سبب عوام پرائيويٽ ڪلينڪ تان علاج ڪرائڻ لڳو. خبر موجب ڏوڪري تعلقي جي مختلف ڳوٺن وڪڙو، چنا ماڇي، چنا موچي، منڱياڻي، بابل خان جروار، ڳجهڙ، محمد ڇٽل ابڙو، منڌرا، بدل سمون، فيض محمد کوکر،دريا خان منڱريو، جوڳي محلا، بينظير ڪالوني، ڏيرا محلا، ٿهيم محلا، مست غلام نبي شاھ محلا سميت ڏوڪري ٽائون جي مختلف وارڊن ۾ مڇرمار اسپري نه ٿي سگھيو آھي، زھريلي مڇرن جو آزار انتهائي وڌي ويو آھي جنهن سبب ڪيترائي مرد، عورتون توڙي ننڍڙا ٻارڙا مليريا جھڙي خطرناڪ موضي مرض ۾ وٺجي ويا آھن، مڇر مار اسپري نه ٿيڻ سبب مليريا جھڙي خطرناڪ مرض ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو وڃي، پر تعلقي ڏوڪري جي انتظاميا جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، جڏھن ته ڏوڪري اسپتال ۾ روزاني جي بنياد تي سوين ڪيس مليريا جا رپورٽ ٿي رھيا آھن، اسپتالن ۾ مليريا جون ڪٽون پڻ اڻلڀ ٿي ويون آهن، غريب مسڪين ماڻھو مليريا جو صحيح طرح علاج نه ٿيڻ سبب سخت پريشاني ۾ ورتل آهن، پرائيويٽ اسپتالن ۾ مليريا ٽيسٽ جا ٻه سئو کان پنج سئو روپيا ورتا وڃن ٿا، سرڪاري اسپتال ۾ سهولتون اڻلڀ هئڻ سبب غريب مسڪين ماڻھو پريشاني جي ور چڙهيل آھن ۽ پرائيويٽ اسپتالن جي ڊاڪٽرن جي ور چڙهيل آھن جتي ھزارين روپيا وٺي مليريا جو ڪورس ڏنو وڃي ٿو ۽ ٽيسٽون ڪيون وڃن ٿيون، ان سلسلي ۾ ھتان جي شھرين سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن رڪ سنڌي، اڪرم علي، پير بخش، نيڪ محمد ۽ ٻين تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ڏوڪري تعلقي جي آس پاس جي مختلف علائقن ۾ مڇرمار اسپري ڪرائي سرڪاري اسپتالن ۾ مليريا ٽيسٽ جون سهولتون فراهم ڪري غريب مسڪين ماڻهن کي پريشاني کان بچايو وڃي ۽ ڏوڪري تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ مليريا جون ٽيمون موڪلي مليريا جھڙي خطرناڪ بيماري تي ڪنٽرول ڪري انساني زندگيون بچايون وڃن.