ڪراچي ۾ آمريڪي پرڏيھي کاتي جي سھڪار سان تربيتي ورڪشاپ, راجوير سنگھ سوڍا جي خاص طور شرڪت

وڏي وزير جو خاص معاون راجوير سنگھ سوڍا پٺتي پيل طبقي کي قانوني سھڪار فراھم ڪرڻ تي زور ڏنو

ڪراچي ۾ آمريڪي پرڏيھي کاتي جي سھڪار سان تربيتي ورڪشاپ, راجوير سنگھ سوڍا جي خاص طور شرڪت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ آمريڪي پرڏيھي کاتي جي سھڪار سان انٽرنيشنل وزيٽر ليڊرشپ پروگرام امپيڪٽ ايوارڊ 2025 تحت قانوني تربيتي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي انساني حقن واري کاتي بابت خاص معاون راجوير سنگھ سوڍا خاص مھمان طور شرڪت ڪئي، ڪراچي جي خانگي ھوٽل ۾ منعقد ورڪشاپ جي قيادت سينيئر قانوني ماھر ايڊووڪيٽ سفيہ لاکو ڪئي، ورڪشاپ ۾ مختلف بار ايسوسيئيشنز سان لاڳاپيل ھڪ سئو کان وڌيڪ وڪيلن شرڪت ڪئي، آمريڪا، نائيجيريا، اسواتيني ۽ پاڪستان جي نامور قانوني ماھرن ۽ سينيئر وڪيلن خطاب ڪيو، ان موقعي تي پنھنجي خطاب ۾ خاص معاون راجوير سنگھ سوڍا آمريڪي پرڏيھي کاتي طرفان قانوني ادارن سان لاڳاپن، شھري ۽ سياسي حقن کي ھٿي وٺرائڻ وارين ڪاوشن کي ساراهيو، ھن پٺتي پيل طبقي کي قانوني سھڪار فراھم ڪرڻ تي زور ڏنو، راجوير سنگھ سوڍا سنڌ ھيومن رائٽس پاليسي 2023-2027 تي به ڳالھيون ڪيون، ورڪشاپ جي آخر ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي خاص معاون راجوير سنگھ سوڍا آيل مھمانن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.