English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ ايم ڊي اي جي اعلانيل رهائشي رٿا اڃا تائين نامڪمل
239 views
|
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
قومي شاهراهه ۽ گهگهر ويجهو 4000 ايڪڙ زمين تي ايم ڊي اي جي رٿا جو اعلان ڪيو ويو هو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور سال 1997ع ۾ غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن لاءِ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) جي هڪ وڏي رهائشي رٿا جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جي لاءِ قومي شاهراهه ۽ گهگهر جي ويجهو لڳ ڀڳ 4000 ايڪڙ زمين مقرر ڪئي وئي سال 2002ع ۾ هن رٿا تحت 8,000 ضرورت مند ماڻهن کي پلاٽ الاٽ ڪيا ويا، جن ۾ واڍيلا، ڪينجهر، سلاوٽ سميت مختلف سوسائٽيز شامل هيون.ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته رٿا جي الاٽيز گذريل 28 سالن ۾ نه رڳو پنهنجي پوري رقم ادا ڪري چڪا آهن، پر ڪيترن ئي قسطن ۾ 100 سيڪڙو کان به وڌيڪ ادائيگيون به ڪيون آهن. ان جي باوجود، حڪومت جي تبديلي ۽ بيحسي سبب هي رهائشي رٿا اڄ تائين مڪمل آباد ٿيڻ کان محروم آهي ۽ زمين اڄ به غير آباد، غير ترقي يافته ۽ مافيا جي قبضي ۾ آهي.اربن روپين جي چوري، سرڪاري خاموشي تي ڏک ۽ حيرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي ان سلسلي ايم ڊي اي الاٽيز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ فقير عبدالقادر شر، شاهد عمراڻي ۽ ساجد خان ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته ايم ڊي اي جي انتظاميا، پوليس ۽ مقامي لينڊ مافيا سان ملي ڪري، رهائشي رٿا اندر ٺهيل نالن سيوريج ۽ برساتي نالن مان غيرقانوني طور تي اربين روپين جو لوهه ڪڍيو ويو آهي ۽ اهو سلسلو اڃا تائين بنا رڪاوٽ جاري آهي هنن چيو ته 8 هزار الاٽيز مان ڪيترائي ماڻهو بنا گهر حاصل ڪرڻ جي اميدن کڻي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن جي پلاٽن تي جعلي ڪاعزن وسيلي قبضا ڪيا ويا آهن باقي ماڻهن مان رڳو 30 الاٽيز اڻپورا گهر ٺاهي رهن تي مجبور آهن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 120 گز جا پلاٽ الاٽيز 2 لک رپيا ۽ 400 گز وارا 4 لک رپيا ادا ڪري چڪا آهن، مجموعي رقم اربين رپين تي مشتمل آهي، پر ان جي بدلي ۾ کين ڪجهه به نه مليو.وفاقي حڪومت، نيب، عدليا ۽ حساس ادارن کان اپيل الاٽيز اڳواڻن پاران وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، نيب، اينٽي ڪرپشن، عدالتن ۽ حساس ادارن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته:ايم ڊي اي جي هن رٿا ۾ ٿيل گهوٻين، بدانتظامي ۽ مالي چورين جي فوري طور تي جاچ ڪرائي وڃي.ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.۽ رهائشي رٿا کي فوري طور آباد ڪري، غريبن کي سندن حق واپس ڏنا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شهيد بينظير ڀٽو
ايڊووڪيٽ فقير عبدالقادر شر
0 تبصرے