English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪ جي ھڪ پاسي کي آباد ڪري، ٻي کي ويران ۽ ڀڙڀانگ ڇو ٿا ڪرڻ چاھيو؟: اياز لطيف پليجو
views
|
24th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي ھڪ پاسي کي آباد ڪري، ٻي کي ويران ۽ ڀڙڀانگ ڇو ٿا ڪرڻ چاھيو؟ سڄي دنيا جا ماڻھو طويل دريائن تي گڏجي آباديون ڪن ٿا، اوھان اڪيلي سر ھڪ سڄو درياءُ ڇو ٿا روڪڻ ۽ چورائڻ چاھيو؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ اريگيشن کاتي کي مال غنيمت ڪري لٽيو ويو آھي. بئراجن جي صفائي، مرمت، بند مضبوط ڪرڻ، واھن، شاخن ۽ سم نالين جي کاٽي جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪري سنڌ جي دولت ٻاھرين ملڪن ڏانھن منتقل ڪئي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ ترقي ۾ باقي صوبن کان پوئتي رھجي وئي آھي. قبيلائي جھيڙا ۽ بدامني ناسور بنجي ويا آھن. جيڪي ماڻھو اغوا ٿين ٿا اھي ڀنگ ڀري بازياب ٿين ٿا. سنڌ حڪومت وڏيرن، سردارن، جاگيردارن، ڏوھارين جي سرپرست بنيل آھن. منشيات جو زھر نوجوانن ۽ ٻارن کي تباھ ڪري رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي. خوشحال سنڌ جا ماڻهو عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن کي پنھنجو غلام سمجھي ٿي ھي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاء عوام دوستي جو ڪوڙو نعرو ھڻي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي ٿي. پيپلزپارٽي کي نہ سنڌين سان پيار آهي نہ سنڌين کان خوف آهي. سنڌ جي تباهي جي ذميوار پيپلزپارٽي مراد علي شاھ ۽ سندس ڪرپٽ سنڌ ڪابينا آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سندھ
نعتیہ اشعار دلوں میں عشق مصطفی کا جذبہ پیدا کرتے ہیں، گورنر سندھ
03rd Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي سرسنگيت جو مٺڙو آواز فوزيه سومرو
03rd Sep 2025
•
کھیل
آئی سی سی کی نئی رینکنگ، سکندر رضا نمبر ون آل راؤنڈر بن گئے
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
جھمپير جي صحافي جي ڀاءُ جي گهر مان لکين رپين جي چوري
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، سندس معصوم پٽ زخمي
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مظلوم طبقن جي حقن لاءِ ڄمي بيٺا رھو، سنڌ ۽ ملڪ جو عوام اوھان سان گڏ آھي: اياز لطيف پليجو جو سردار اختر مينگل سان فون تي رابطي ۾ اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي
0 تبصرے