هي آهي شڪايت سيل دفتر يا.....!

عبدالفتاح عباسي

هي آهي شڪايت سيل دفتر يا.....!

جون جولاء جي شديد گرمين ۾ جڏهن ملڪ ج مشهور ناليواري ٿڌين هوائون جي تاريخي ماڳ ڪوهه مري وڃڻ ٿيو ته سامهون جي پي او مال روڊ تي اقبال لائبريري لڳ " عوامي سهولت جي لاءِ دفتر شڪايت تي نظر پئي، انهيءَ شڪايت سيل دفتر ۾ پهريان ته بغير ڪنهن ضلع انتظاميه / ميونسپل ڪارپوريشن مري جي ڪنهن به ملازم کان 4 خالي ڪرسيون پيل هيون، پنهجي شڪايت ڪوهه مري انتظاميه کان اها ڪرڻي هئي ته هتي ملڪ پاڪستان جي سير و تفريحي جي ٿڌي ماڳ ڪوهه مري ۾ جڏهن به اچڻ ٿيو آهي ته هميشه اتان جي هوٽل ريسٽورنٽ مالڪان انتظاميه جو ڪرايو رينٽ ايتري ٻڌائي وڃي ٿي جو ٻڌندڙ وڏي حيرت اچرج ۾ اچي وڃي ٿو ته ڇا هي هڪ ڏينهن جو ڪرايو رينٽ آهي يا اصل خريد ڪري هوٽل ڏنو وڃي ٿو، ڪوهه مري ضلع انتظامیہ ۽ ميونسپل ڪارپوريشن مري انتظاميه شاباس اٿن ته شڪايت سهولت دفتر قائم ڪيو ۽ شڪايت سيل جي سينٽرل ڪنٽرول روم سان رابطي ڪرڻ لاءِ 3 نمبر به ڄاڻايا ته انهن تي رابطو ڪيو وڃي، باقي دفتر ۾ ڪو هڪ ماڻهو به نه هجڻ ائين آهي جيئن پنهنجي سنڌ جي لاڙڪاڻي شهر ۾ واپڊا سيپڪو جي دفتر ٻاهران وڏن اکرن ۾ پينا فليڪس تي ڄاڻايل هوندو آهي ته واپڊا سيپڪو جي معاملي ۾ ڪنهن کي به شڪايت هجي ته مذڪوره نمبر تي رابطو ڪري سگهو ٿا پر جڏهن به ڪنهن وڌندڙ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، يارهن هزار وڏي بجليءَ جي تار، اوور ريڊنگ، ڏٽيڪشن بلنگ، ٽرانسفارمر جي سڙي وڃڻ، ماهوار بجليءَ جو بل ٽائيم تي نه پهچائڻ، بار بار هر دفعي ڊم وولٽيج گهٽ وڌ ڪري بجليءَ جي صارفين جو قيمتي لکين ڪروڙين روپين جا موٽر مشين، فرج، اي سي، اسٽيپلائيزر، واشنگ مشین سميت ٻيو قيمتي سامان جي شڪايت ڪرڻ لاءِ فون ڪري ڪري ٿڪجي پون ٿا پر سدائين رنگ وڃي ٿي پر کڻڻ وارو ڪوئي عملدار نه ملندو، ائين ئي شڪايت سيل جي ڳالھ ڪجي ته هميشه بئنڪ عملي، صحت کاتي ۾ اسپتالن، پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ پوليس جي ظلمن زيادتين خلاف پڻ شڪايت سيل ڄڻ ته سالن صدين کان گهيري ننڊ ۾ ستل هوندي آهي، اصل ۾ ملڪ پاڪستان ۾ قانون ضابطا اخلاق هر هڪ طريقڪار موجود آهي پر بدقسمتي سان پاڻ وٽ هر شيء هر جڳهه تي آرٽيفيشل مصنوعي بڻجي وئي نمائشي رنگ روپ ڏيکاء لاءِ موجود آهن جيئن اسان وٽ اڪثر علائقن ۾ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جي لاءِ حڪومتي سطح تي واٽر پلانٽ جا نظام متعارف ڪرايا ويا آهن پر اهي مستقل بنيادن تي ناهن ڪجهه وقت هلائڻ بعد هميشه جي لاءِ بند نه صاف پاڻيءَ جي سهولت نه ٿڌو پاڻي پيئڻ جو ٻيو ته ٺهيو پر اتي عملو رکندڙ به رڙيون واويلا ڪري رهيو آهي ته خدارا اسان کي جو هتي واٽر پلانٽ يو ايس ايڊ آمريڪي امداد جي تعاون سان مقرر ڪري نوڪري تي رکيو ويو آهي ته اسان کي پگهار ته ڏيو ۽ اهڙي طرح ئي اسان جي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ کوڙي کي ئي گهمرو آهي. اسان عوام کي سهولت ڏيڻ لاءِ احتساب عدالتون، محتسب اعلي، عوام کي عوامي سھولتون ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ لاءِ ايڪشن پلان جوڙين جنهن سان پنهنجي مارو ماڻهن کي ڪو لاڀ حاصل ٿي سگهي ۽ شڪايت سيل، شڪايت دفتر جي عملي ۾ اهي برجسته ملازم عملو مقرر ڪيو وڃي جيڪو خود، ايماندار، نيڪ نيت، عوام دوست هجڻ شرط آهي. باقي ڊرامي بازي ناٽڪ ڪرڻ مان عوام کي ڪهڙو فائدو ملي سگهي ٿو. حقيقت ۾ هنن ننڍين ڪم جي ڳالهين تي توجهه ڌيان ڏنو وڃي ته ضرور پنهنجي عوام کي ڪجهه نه ڪجهه فائدو رسي سگهي ٿو. ائين ناهي ته ملڪ سنڌ صوبو اوندهه م هلي ٿو ضرور ڪيترائي خدا ترس الله پاڪ جا نيڪ ٻلاڙا ٻانها فرشته صفت انسان به آهن جيڪي اسان جي ئي ڌرتيءَ تي رهن ٿا ۽ خاموش طبع انسان خدمت خلق ۾ مصروف عمل آهن ۽ انهن جي ڪري ئي دنيا ۾ چڱائي جو تصور باقي آهي. اسان مان هر هڪ کي پنهنجي حصي جو چڱائي ڀلائيء سماجي سوشل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پوءِ هي دنيا جنت جو ڏيک ڏيڻ لڳندي.